مغلڀينء
مغلڀينءَ - Mughalbheenya هيءُ جاتي تعلقي جو وڏو شهر آهي. اهو شهر ڀينءَ جو ٻڌل هو. جنهن جو اصل نالو شيخ سلامت قريشي هو ۽ مگهر سندس پٽ هو، جنهن کي پوءِ مغل ڪيائون. هالار جي هندو راجا جو پٽ هڪڙي سيد ماريو هو ۽ انهيءَ شيخ ۽ سندس پٽ وٽ وڃي پناهه ورتي هئي. انهيءَ سيد جي ٻانهن راجا ٿي گهري، جا هنن نٿي ڏني. انهيءَ جهيڙي ۾ اهو شيخ ۽ سندس پٽ مارجي ويا. انهن جون قبرون اتي آهن ۽ انهن جي ڀرسان هڪڙي مسجد به جڙيل آهي، انهن جي پاسي ۾ ٻيون به ٻه قبرون آهن، جي ڀينءَ جي ڏاڏي نڀي ۽ ان جي پوٽي جون آهن. انهن قبرن جي ويجهو هڪڙو ڳرو ڪارو پهڻ ڏيڍ مڻ جيترو پيل آهي. جو چون ٿا ته ڀينءَ جي ڀآءٌ عمر جي هٿن ۾ هوندو هو ۽ انهيءَ جي اثر کان هڪڙي چور چورايل مال موٽي آڻي ڏنو. انهيءَ پهڻ کي ماڻهو گهڻي تعظيم ڏيندا آهن. بيمار هٿ لائيندا اٿس ته ڇٽي پوندا آهن ۽ زالون ڏهاڻي رات جو وڃي اتي ويهي ڳائينديون آهن. اتي ڦڳڻ مهيني جي 23 تاريخ ميلو لڳندو آهي ۽ اڪٿر جت ماڻهو ايندا آهن. پهرئين ڏينهن قبر کي چن جو پوچو ڏيندا آهن، جنهن کي آڇ چوندا آهن ۽ پنجين ڏينهن قبرن جا پڙ کڻي پاڻيءَ ۾ ڌوئي سڪائي وري وجهندا آهن. مغلڀينءَ کان اڍائن ڪوهن تي نند ڪوٽ آهي، جو راجا نند جو ڪوٽ هو. جنهن جو راڄ ڪلهوڙن کان اڳي جو هو. اهو راجا ڏاڍو دولتمند هوندو هو ۽ سندس خزانو چون ٿا ته اتي پوريل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو