معصوم ساحل
| معصوم ساحل نوجوان شاعر | |
|---|---|
![]() نوجوان شاعر ۽ مترجم معصوم ساحل | |
| ڄم | 4 سيپٽمبر، 2002ع ڇاڇرو، ٿرپارڪر، سنڌ |
| قلمي نالو | ”ساحل“ |
| ڌنڌو | شاعر، ترجمي نگار، فانٽ ٺاهيندڙ |
| ٻولي | ڍاٽڪي، سنڌي |
| رهائش | ڇاڇرو |
| قوميت | پاڪستاني |
معصوم ساحل (انگريزي ٻولي: Masum Sahil) سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان شاعر، مترجم ۽ فونٽ ڊِوَلپر آهي.
زندگي جو احوال
[سنواريو]معصوم ساحل جو اصل نالو مرتضيٰ آهي، هن 4 سيپٽمبر 2002ع تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ جنم ورتو. نوجوان معصوم ساحل سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سُٺو شاعر ۽ ترجمي نگار هئڻ سان گڏوگڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ بہ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، هي فونٽ ڊِوَلپر ۽ گرافڪس ڊزائينر بہ آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڊجيٽل ميدان ۾ پڻ خاص خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
تعليم
[سنواريو]معصوم ساحل پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ڇاڇري مان حاصل ڪئي. بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ حيدرآباد منتقل ٿيو، جتي هن گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم جي دوران ئي سندس لاڙو ادب، شاعري، ۽ ترجمي ڏانهن وڌڻ لڳو، جنهن کي هن پنهنجي محنت ۽ دلچسپي سان اڳتي وڌايو.[1]
ڪاوشون
[سنواريو]معصوم ساحل پاڪستان جو پهريون ننڍي عمر جو سنڌي فونٽ ڊولپر آهي، جنهن 2019ع ۾ 17 سالن جي عمر ۾ پنهنجو پهريون فونٽ "ايم ايس ٿر" تيار ڪيو، جيڪو سنڌ سلامت فونٽ سروَر (ويب سائيٽ) تي موجود آهي. ان کان پوءِ هن 5 سنڌي فونٽ تيار ڪيا، جن مان 2 سنڌ سلامت فونٽ سروَر (ويب سائيٽ) تان مفت ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا.[2]
مکيہ ڪم
[سنواريو]شاعري
[سنواريو]- جيءُ بيزار آهي – شاعريءَ جو مجموعو.
ترجما
[سنواريو]- آگسٽ ۾ ملنداسين – انگريزي ناول Until August جو سنڌي ترجمو.
سنڌي فونٽ
[سنواريو]- ايم ايس ٿر 2.0
- ايم ايس علي
- ايم ايس سجاد
- ايم ايس غازي 2.0
- ايم ايس ملير
- ايم ايس پينسل
ادبي کيتر
[سنواريو]ڇو وٺي تنھنجو نانءُ ھٿ مِلائي ڪوئي؟
اِئن مُسلسل مُنھنجي دِل جلائي ڪوئي.
ٽھڪ ٽِڙندا اگر لُڙڪ پَوندا لڙِي
مون جيان ڏُک ڍَڪي مُسڪرائي ڪوئي.
زندگي تُنھِنجي نالي مِليل ھيڏا ڏُک
آئون ڪنھن سان ونڊيان؟ مُنھنجو ناھي ڪوئي!
لُڙڪ ڇو ٿا ڪِرن، ڇو لٿل آھي مُنھن؟
ڪُجھہ پُڇي ڪُجھہ ٻُڌي، اھڙو آھي ڪوئي؟
درد دل ۾ ڌرِي، جان ڪنھن کان گُھرِي؟
مون تہ چاھيو اِھو، مونکي چاھي ڪوئي.[3]
مڃتا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ڇاڇري جا ڇوڪرا (پروفائل)
- ↑ "معصوم ساحل جو تعارف"۔
- ↑ ڪتاب: جيءُ بيزار آهي (شاعري) - معصوم ساحل
