مصعب بن الزبیر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مصعب بن الزبير (وفات 691) ٻئين فتني جي زماني جو هڪ عرب فوجي ڪمانڊر هو. هو عبد الله بن الزبير جو ننڊو ڀاءُ ۽ پيغمبراسلام محمد جي صحابي زبير بن العوام جو پٽ هو. پنهنجي ڀاءُ جي مڪي خلافت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ هن اموي خلافت جي صوبي فلسطين خلاف ناڪام مهم جي اڳواڻي ڪئي. بعد ۾ هو 686ع کان 691ع تائين بصره جو گورنر رهيو. هن 687ع ۾ شيعه انقلابي مختار الثقفي کي ڪوفي ۾ قتل ڪيو ۽ عراق تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. عراق ۾ هن جي پاليسين جي ڪري سندس وڏي ڀاءُ کيس گورنري تان هٽائي ڇڏيو، پر ڪجهه عرصي بعد وري بحال ڪيو. هو چار سالن بعد مسڪن جي جنگ ۾ اموي خلافت جي فوجين هٿان مارجي ويو.