شيخ عيسيٰ جنداللہ
مسيح اولياء شيخ عيسيٰ جند الله: شيخ قاسم جو فرزند هو. سنه 962ھ (1554ع) ۾ سندس ولادت ٿي ۽ 1031ھ(1621ع) ۾ وفات ڪيائين. وڏو عالم ۽ اهل الله هو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي روحاني فيض ڏنائين. سماع سان ڏاڍي رغبت هوندي هيس. سندس مقولو آهي ”السماع ڪالصلواة“. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس نظر ۾ سماع جو درجو عبادت جي برابر هو. ڪيتريون ئي تصنيفون يادگار ڇڏيائين، جهڙوڪ: روضة الحسنيٰ (الله تعاليٰ جي 99 اسمن جي شرح)، عين المعاني (الله تعاليٰ جي اسمن جي ٻي شرح)، انوار الاسرار (تفسير قرآن مجيد)، رساله حواس پنجگانه، حاشيه براشارهء غريبه ڪتاب انسان ڪامل(شيخ عبدالڪريم جيلي جي ڪتاب انسان ڪامل تي حاشيو)، شرح قصيده برده، رساله قلبة المذاهب اربع مع اشارات اهل تصوف، حاشيه بر شرح ضيائيه(مولانا جامي جي ڪتاب ڪافيه جي شرح)، فتح محمد در علوم مايتعلق به التفسير، رساله عقود، ٻن رباعين جي شرح، ترجمه اسرارالوحي وغيره. ان کانسواءِ سندس ملفوظات جا ٻه مجموعا به ملن ٿا، جهڙوڪ: ڪشف الحقائق ۽ روائح الانفاس.
هن بزرگ پنهنجي مختلف ڪتابن ۾ تصوف جا مختلف مسئلا نهايت دليلن سان ۽ وضاحت سان سمجهايا آهن. هڪ عالم ۽ صوفي شيخ عبدالله بلياني وحدت الوجود بابت من عرف نفسه فقد عرف ربه جي شرح ڪندي عربي زبان ۾هڪ ڪتاب لکيو هو. حضرت شيخ عيسيٰ فارسي زبان ۾ ان جي شرح لکي آهي، ۽ وجودي نظريه تي تفصيل سان روشني وڌي اٿس. ان کانسواءِ هڪ ٻيو رسالو تعينات ۽ حقيقت محمدي بابت به لکيائين.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ