مسلمان خلابازن جي فھرست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مسلمان خلاباز کان چوريل)

خلا ۾ هن مھل تائين ويندڙ خلابازن جو انگ 565 آهي جن مان هن مھل تائين ڏھ مرد ۽ هڪ عورت مسلمان خلا ۾ وڃي چڪا آهن.

سڀ کان پھريان مسلمان خلاباز سعودي عرب سان واسطو رکندڙ سلطان بن سلمان السعود 17 جون 1985ع جو ناسا جي اسپيس شٽل ڊسڪوري جي پنجين مشن جو حصو هئو. انکان پوءِ شامي خلاباز محمد فارس 22 جولائي 1987ع ۾ سوويت خلائي شٽل مير تي ويو هئو. خلاباز موسی ماناروف جيڪو 21 ڊسمبر 1987ع جنھن جو واسطو روس سان هئو ٻہ ڀيرا خلا ۾ وڃي چڪو آهي ۽ خلا ۾ 541 ڏينهن پڻ رهي چڪو آهي. افغانستان سان واسطو رکندڙ عبدل احد مهمند 29 آگسٽ 1988ع سوويت اسٽيشن مير تائين ويو هئو جيڪو افغانستان جو هوائي پائلٽ پڻ رهي چڪو آهي. توڪتار اوباڪيروف 2 آڪٽوبر 1991ع سوويت خلاباز هئو جيڪو انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تائين ويو هئو. قازقستان سان واسطو رکندڙ تلغات موسي 4 نومبر 1994ع کانپوءِ 27 آگسٽ 1998ع کانپوءِ آخري ڀيرو 6 مئي 2001ع تي ٽي ڀيرا ڌار ڌار مشنن تي خلا ۾ وڃي چڪو آهي ۽ خلا ۾ 341 ڏينھن پڻ رهي چڪو آهي. روسي خلاباز ساليزان شاريپو 20 جنوري 1998ع ۽ 14 آڪٽوبر 2004ع  ٻہ ڀيرا خلا ۾ ۽ 201 ڏينھن بہ رهي چڪو آهي. پھرين مسلمان عورت انوشا انصاري ايراني جيڪا آمريڪا ۾ پيدا ٿي، 18 سيپٽمبر 2006ع ۾ خلا ۾ وئي. مليشيا سان واسطو رکندڙ پھريون خلاباز ڊاڪٽر مظفر شڪور 10 آڪٽوبر 2007ع ۾ خلا ۾ ويو هئو. قازقستان سان واسطو رکندڙ ايدن ايمبيتوف 25 سپٽمبر 2015ع ۾ خلا ۾ ويو هئو. تازو سعودي عرب سان واسطو رکندڙ آخري مسلمان خلاباز هزاع المنصوري 25 سپٽمبر 2019ع ۾ خلا ۾ ويو هئو.

مددي مواد[سنواريو]