مرڪ پبليڪيشن
نالو = مرڪ پبليڪيشن باني = غلام مرتضى لغاري هيڊ ڪوارٽر = ڪراچي سنڌ اشاعتون = ڪتاب، رسالا موضوع = ادب، ثقافت، تحقيق
مرڪ پبليڪيشن (In English = murk publication)هڪ سنڌي، اردو ۽ انگريزي ادبي ۽ علمي پبليڪيشن آهي، جيڪا 1999ع ۾ غلام مرتضى لغاري طرفان قائم ڪئي وئي. مرڪ پبليڪيشن جو مقصد ادب، ثقافت ۽ شعور کي اجاگر ڪرڻ ۽ نون ليکڪن کي متعارف ڪرائڻ آهي۔
تاريخ
[سنواريو]1999ع ۾ هڪ ننڍڙي رسالي سان سفر شروع ڪندڙ مرڪ پبليڪيشن هاڻي سنڌ جي اهم ادبي ادارن مان هڪ آهي. هن اداري ڪيترن ئي شاعرن، محققن ۽ ليکڪن کي ڇپائي متعارف ڪرايو آهي۔
مقصد ۽ مشن
[سنواريو]- ادب ۽ علم کي عام ڪرڻ
- نون ليکڪن کي موقعي فراهم ڪرڻ
- محبت، آزادي ۽ انقلاب تي ٻڌل فڪر کي اجاگر ڪرڻ
- علمي، تحقيقي ۽ ثقافتي مواد کي محفوظ ڪرڻ
ڪتاب ۽ اشاعتون
[سنواريو]مرڪ پبليڪيشن 2014ع کان وٺي سوين ڪتاب شايع ڪيا آهن۔ ڪجهه اهم ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:
2014ع
[سنواريو]- حيوانات في القرآن – ترجمو: منظور سولنگي
- برکا بوند بهار جي (16 شاعرن جي گڏيل شاعري) – مرتب: مرتضيٰ لغاري
- نئون نئون مڌ آ (16 شاعرن جي گڏيل شاعري) – مرتب: مرتضيٰ لغاري
- ڪڏهن ته ايندي – سرڪش ناريجو
2015ع
[سنواريو]- جيجل منهنجي قسمت – لبر چانڊيو
- ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾ – انجم قاضي
- دردن ڦولاريا ڦول – وفا صالح راڄپر
- تون منهنجي ساهه ۾ آهين – طارق خشڪ
شايع ٿيل ليکڪ
[سنواريو]مرڪ پبليڪيشن ڪيترن ئي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ليکڪن جا ڪتاب ڇپايا. انهن ۾ نمايان نالا آهن:
- غلام مرتضى لغاري
- ڊاڪٽر فهميده حسين
- انجم قاضي
- فرزانا شاهين
- شبانه عالماڻي
- ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
- ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
- عبدالواحد سومرو
- سلطانه وقاصي
- نادر علي جمالي
- نور ڪليم
- سرمد کوسو
- سڪندر هاڙهو
- وحيد محسن
- خالده نسرين
- اندرا شبنم پونا والا
اثر ۽ اهميت
[سنواريو]مرڪ پبليڪيشن سنڌي ادب ۾ تحقيقي ڪتابن، شاعري، ڪهاڻين ۽ ناولن ذريعي علمي ۽ سماجي شعور کي اجاگر ڪيو آهي. ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ ليکڪن جي پهرين ڪاپي به هن اداري ڇاپي آهي۔
حوالا
[سنواريو]- [آن لائين آرٽيڪلز ۽ جرنلز جا حوالا شامل ڪرڻا پوندا]
https://www.indusbook.pk/product-brands/murk-publication/ https://books.sindhsalamat.com/publisher/225
https://archive.org/details/san2020-297
https://sd.wikipedia.org/wiki/%D9%85%D8%AD%D9 %85%D8%AF_%D8%B9%D9%84%D9%8A_%D9%BE%D9%BA%D8%A7%DA%BB