مواد ڏانھن هلو

مرٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مُرِٽ:(انگريزي: Murit plant) هي ٻوٽو هي ٻوٽو ڀٽن ۽ ننڍن دڙن تي ڪنئريءَ زمين ۾ اُڀري، ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اڀري. اُن جا گهاٽا ٿُٻَ هوندا آهن، جي اونهاري جو اڌ سُڪا بيٺا هوندا آهن، پر برسات پوڻ سان انهن مان تيليون تيليون نڪرنديون اينديون تان جو گهاتو مُچو ٿي پوندو آهي. تيلي بانس جي لٺ وانگر سَنڌن واري هوندي آهي. هر هڪ سَنڌ وٽان پردي سان سنهو ڊگهو پڻ ٿيندو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ کي ويڙهيل ۽ باقي جدا ٿيندو آهي. هي ٻوٽو اڇو، ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سنهو اَن ٿئي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت کائيندا آهن. هي ٻوٽو جيستائين سائو هوندو آهي تيستائين ڍڳيون ۽ مينهون لائين، اُن ڪونه لائي. جڏهن ٻيو گاهه ختم ٿي وڃي، تڏهين ۽ ڏڪار جي وقت سڪڻ بعد به ڍڳيون ۽ مينهون کائين[1]. مُرٽ بلڪل ڪمائتو ٻوٽو آهي. ٿري ماڻهو اُن کي ڪُهاڙي يا ڏاٽي سان ڪپي ڀاڪرون ڀري هڪ هنڌ سَٿي هڻي مٿان ڳري ڪاٺ ۽ ڍنگهرن جو بار وجهي ڇڏين. هفتي بعد ڪڍي کڻي اچن ۽ لانڍين ۽ چونرن تي پهريائين سِڻن جو تهه ڏيئي، مٿان مُرتن جو ڇاڄو ڏيئي، نورين جا ڏوريا تاڻي قابو ڪري ڇڏين. ڪهڙي به برسات پيئي پوي،. بعضي پڪيون جايون ڊهيو پون، پر هن جي ڇاڄي مان پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به اندر ڪونه اچي. ننڍن ڇنن تي به ڇاڄو ڏين مُرٽن کي سنهو ڪتُري مٽيءَ سان گڏي ڳوهي جاين تي راڳو (لنب) ڏين، انهيءَ ڪري راڳو ڦٽي ڪونه ۽ برسات ۾ به جٽاءُ ڪري. ڪن ڪن مُرتن ۾ پِپُون ۽ ڪونڊير به ٿيندا آهن. ڪيترا غريب ماڻهو مُرٽون وڍي ڀريون ڪري يا اُٺن تي لَڏا ڪري اچي شهرن ۾ وڪڻن، جن مان پنهنجن ٻچن جو گذران ڪن. هي گهٽ خرچ ۽ ڪمائتو ٻوٽو آهي.[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو