مواد ڏانھن هلو

مرجز نثر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرجز نثر، ”مرجز“ جي معنيٰ آهي ”وزن وارو“. هن قسم جي نثر ۾ گڏ آيل فقرا (جملي جا ٽڪرا) پاڻ ۾ موافق ۽ موزون هوندا آهن؛ يعني اهو نثر، جنهن ۾ وزن بہ هجي قافيو بہ هجي. هت نثر مرجز جو هڪ مثال ڏجي ٿو، جو مرحوم مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي: ”سواءِ ذڪر قادر ڪارساز جي وقت وڃائڻ، ۽ سواءِ شغل خالق ڪردگار جي حياتي گذارڻ، نسورو نقصان آهي.“[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.