مدد:سنوارڻ
وڪيپيڊيا هڪ آزاد انسائيڪلوپيڊيا آهي، جيڪا ان کي استعمال ڪندڙ ماڻهن جي گڏيل سهڪار سان لکي ۽ سنواري وڃي ٿي. سن 2001ع کان وٺي وڪيپيڊيا تيزيءَ سان ترقي ڪندي دنيا جي وڏين معلوماتي ويب سائيٽن مان هڪ بڻجي وئي آهي. هن وقت انگريزي وڪيپيڊيا تي 0 ملين کان وڌيڪ مضمون آهن، جن کي هر مهيني اربين ڀيرا ڏٺو وڃي ٿو. وڌيڪ تفصيل لاءِ وڪيپيڊيا بابت ڏسو.
توهان وڪيپيڊيا ۾ ڪيئن حصو وٺي سگهو ٿا؟

سنوارڻ کان نه گهٻرايو – هر ماڻهو وڪيپيڊيا جي لڳ ڀڳ هر اهڙي صفحي کي سنواري سگهي ٿو، جيڪو محفوظ نه هجي. توهان کي رڳو اهڙي معلومات ڳولڻي آهي، جنهن ۾ بهتري آڻي سگهجي، ۽ پوءِ ان کي بهتر بڻائڻو آهي!
توهان مضمونن ۾ نئون مواد شامل ڪري سگهو ٿا، پنهنجي دعوائن جي تصديق لاءِ معتبر حوالا ڏئي سگهو ٿا، آزاد استعمال لاءِ موجود تصويرون شامل ڪري سگهو ٿا، املائي ۽ گرامري غلطيون درست ڪري سگهو ٿا يا عبارت کي وڌيڪ سليس ۽ پڙهڻ لائق بڻائي سگهو ٿا.
ان کان سواءِ وڪيپيڊيا جي ٻين ڪيترن ئي تدويني ڪمن ۾ پڻ حصو وٺي سگهجي ٿو.
نون سنواريندڙن لاءِ وڪيپيڊيا جون مختلف پاليسيون ۽ رهنما اصول شروع ۾ ڪجهه ڏکيا محسوس ٿي سگهن ٿا، پر سڀ ڪجهه هڪ ئي وقت سکڻ ضروري ناهي. سنوارڻ دوران عام سمجهه، احتياط ۽ نيڪ نيتيءَ کان ڪم وٺو. جيڪڏهن غلطي ٿي پوي ته ٻيا سنواريندڙ ان کي درست ڪري سگهن ٿا.
تنهنڪري اڳتي وڌو، ڪنهن مضمون کي سنواريو ۽ وڪيپيڊيا کي وڌيڪ معتبر ۽ ڪارائتو معلوماتي ذريعو بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو!
بهتريءَ لاءِ تجويزون ڏيو – هر مضمون سان گڏ هڪ بحث صفحو پڻ هوندو آهي، جتي توهان مضمون ۾ سڌارن، درستگين ۽ نئين معلومات بابت تجويزون پيش ڪري سگهو ٿا.
پنهنجو کاتو ٺاهيو
توهان کاتو ٺاهڻ کان سواءِ به وڪيپيڊيا تي سنوار ڪري سگهو ٿا، پر کاتو ٺاهڻ جا ڪيترائي فائدا آهن. کاتو ٺاهڻ آسان ۽ مفت آهي.
ڇا توهان سنوارڻ جي مشق ڪرڻ چاهيو ٿا؟
توهان هيٺ ڏنل سکيا وارن صفحن ذريعي سنوارڻ جا بنيادي طريقا سکي سگهو ٿا. انهن ۾ بصري سنواريندڙ ۽ وڪي متن جي استعمال بابت رهنمائي موجود آهي.
مشق پٽي کولڻ کان پوءِ توهان سنواريو يا ذريعو سنواريو واري چونڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.
ڪجهه متن لکو ۽ جڏهن ان جي صورت مان مطمئن ٿي وڃو ته تبديليون شايع ڪريو واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
غلطي ٿيڻ جي ڳڻتي نه ڪريو؛ مشق پٽي خاص طور سکيا ۽ تجربن لاءِ ٺاهي وئي آهي.
وڪيپيڊيا تي مضمونن کان سواءِ به گهڻو ڪجهه آهي
وڪيپيڊيا تي مضمونن کان علاوه ڪيترائي مددگار ۽ برادريءَ سان لاڳاپيل صفحا موجود آهن.
ڪم مرڪز – اهڙن ڪمن جي فهرست، جن ۾ توهان مدد ڪري سگهو ٿا.
مددگار صفحا – سکيا، رهنمائي ۽ مسئلن جي حل بابت معلومات.
برادري باب – وڪيپيڊيا جي سنواريندڙن ۽ گڏيل سرگرمين جو مرڪز.