مخدوم نوح ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مخدوم نوح هالائي: حضرت فخر الدين صغير تائين مخدوم نوح رح جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي: ”مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين صغير بن فخر الدين صغير.“ مخدوم نوح جي ولادت سنه 911 هه (1505ع) ۾ ٿي ۽ 998 هه (1589ع) ۾ وفت ڪيائين. ظاهري تعليم تمام ٿوري حاصل ڪيائين. سندس ننڍپڻ جو استاد مخدوم عربي ڌياڻو عرف شاهه ڏنو هو. ٿوري تعليم هوندي به ذاتي مطالعي ۽ ”روحاني طاقت سبب قرآن حڪيم جو جڏهن تفسير ڪندوهو،ته عالم دنگ رهجي ويندا هئا‍ سندس قرآن مجيد جو ڪيل فارسي ترجمو، سندس مريد حضرت بهاؤالدين گودڙئي جو لکيل اڄ به موجود آهي، ۽ هينئر سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چــُـڪو آهي. سندس ظاهر مرشد به ورتل نه هو، پر کيس ملڻو هو، اهو کيس خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليــہ وسلم جي حڪم سان حضرت علي رضه ذريعي مليو. اهو ئي سبب آهي، جو هن پاڻ کي اويسي سڏايو آهي. حضرت مخدوم نوح رح سادو کائيندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو. هميشــہ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. هر حال ۾ شريعت جي پابندي ڪندو هو. سندس ملفوظات سندس مريد بهاؤ الدين گودڙئي جي لکيل ڪتاب ”رساله بهاؤالدين گودڙيه“ ۾ آيل آهن، جتان حاجي پنوهر پنهنجي ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ (تصنيف 13 - رمضان 1106 هه = 1694ع) ۾ نقل ڪيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪجهه قول سندس پوٽي مخدوم فتح محمد جي ڪتاب”رساله فتحيه“ (تاليف 1019 هه = 1610ع) ۾ به ملن ٿا. قولن سان گڏ ڪجهه سنڌي بيت به”دليل الذاڪرين“ ۾ ملن ٿا. ان کان سواءِ ڪجهه سنڌي بيت پير محمد راشد جي ملفوظات ”جامع الفيوضات“ ۾ به ملن ٿا. سنڌي ابيات ۽ ملفوظات ۾ تصوف ۽ اخلاقيات جي تعليم ذهن نشين ڪرايل آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم امين محمد اول(وفات 1015 هه) سجاده نشين ٿيو. حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (ولادت 1338 هه) سندس 17 سجاده نشين آهن. هن خاندان مان ڪيترائي بزرگ ۽ شاعر ٿيا. يارهون سجاده نشين مخدوم امين محمد(وفات 1252 هه) سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي تعليم نروار ڪيل آهي. مخدوم نوح رح جا ڪجهه سنڌي بيت به سندن ملفوظات ۾ ملن ٿا. ان ۾ آيو آهي، ته وفات کان ڪجهه وقت اڳ سومهڻيءَ جو هي بيت پڙهي رهيا هئا: پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهئا، روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوئين کي. --- --- نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ، ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا. مسجد کان ٿي، جڏهن حويليءَ جي دروازي وٽ پهتا، ته هي بيت چيائون: ابوبڪر آءٌ ، سامين سفر چتائيو، متان ٿي پئان، سارين سناسين کي. سندن مريد ابوبڪر لڪياريءَ کي ڪشف ذريعي حقيقت معلوم ٿي وئي. سو هي بيت چوندي ڳوٺان، نڪتو، ۽ اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو: اچان ٿي اچان، ڪجو ذرو ڪا جٽا، متان ٿي پئان، ساريان سنياسين کي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ