مواد ڏانھن هلو

مخدوم محمد هاشم جي مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم محمد هاشم جي مسجد:مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي پاڙي ۾ سندن اها مسجد هئي. انهيءَ مسجد منجهان سنڌ جي سَوَن مسلمانن فيض پرايو. ڏاڍي برڪت ۽ خير واري مسجد هئي. انهيءَ ئي مسجد ۾ مخدوم صاحب جن ويهي پنهنجيون ڪيتريون لازوال تصنيفون مڪمل ڪيون. دين جي خدمتگذاري انهيءَ مسجد مان موصوف ويٺي ڪئي. انهيءَ مسجد مان ئي هن دين متين جي فروغ ۽ استقامت لاءِ سنڌ جي حاڪمن ڏانهن خط لکيا، ۽ اهائي اُها مسجد سڳوري هئي، جنهن ۾ ويهي انهيءَ عظيم شخصيت، فقهي مسئلن مطابق فتوائون جاري ڪيون، جن سنڌ ۾ اسلامي قاعدي قانون کي نئين جلا بخشي.

مخدوم صاحب عليه رحمت جو دستور هو ته پاڻ هر جمعي تي جامع خسرو ۾ وعظ جي مجلس منعقد ڪندو هو، ۽ پنهنجي انهيءَ مسجد شريف ۾ هر روز ٽه_پهريءَ جو حديث سڳوريءَ جو درس ڏيندو هو. مخدوم صاحب کان پوءِ (1174ھ) سندن فرزند مخدوم عبداللطيف پنهنجي والد جي مسند تي ويهي، ساڳئي برڪت واري شغل کي جاري رکيو. مخدوم جڏهن 1187ھ ۾ ميان محمد سرفراز جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي مقرر ٿي اوڏانهن ويو، تڏهن سندس فرزند ميان ابراهيم اها خدمت بجا آڻڻ شروع ڪئ، تا وقتيڪه هو بزرگ ٺٽي مان لڏي پهرين ڪراچيءَ ويو، اتان مستقل طرح ڪڇ جي مڏئي شهر ۾ وڃي ويٺو.

انهيءَ مسجد ۾ صبح جي وقت مخدوم صاحب وڏي جي وقت کان مدرسو قائم ٿيندو هو، ۽ ٽه_پهريءَ بعد فقط حديث جو درس ڏنو ويندو هو. اها مسجد ٽالپر حڪومت تائين قائم هئي، جنهن بعد ٺٽي ۾ نه مخدوم صاحب جو ڪو اولاد رهيو، نه مدرسو باقي رهيو ۽ نڪو حديث جي درس ڏيڻ وارو ڪو رهيو. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو