مواد ڏانھن هلو

مخدوم محمد معين ٺٽوي جي مسجد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مخدوم محمد معين جي مسجد ٺٽي جي هن عظيم المرتبت صوفيءَ ۽ عالم جي حويليءَ ڀرسان هيءَ مسجد هئي. مخدوم صاحب جو مدرسو انهيءَ مسجد ۾ هلندو رهيو، ۽ ايڏو وڏو تعداد شاگردن جو انهيءَ مسجد ۾ استفادي لاءِ حاضر ٿيندو هو، جو مدرسي ۾ متعدد نائب مقرر هئا، جن مان ميان عنايت الله جو نالو قابليت سبب مشهور آهي. انهيءَ مدرسي مان ڪيترا جيد عالم نڪتا، جن هن دنيا کي فيض پهچايو، مثلاّ مولوي محمد صادق. مخدوم صاحب جي وڏن شاگردن مان هو، جنهن جي مدرسي پوئين زماني ۾ مخدوم صاحب جون سڪون لاٿيون.

اها ٺٽي جي اها مسجد آهي، جنهن ۾ ڪيترا دفعا شاهه عبداللطيف ۽ مخدوم ممدوح جي مابين ملاقاتيون ٿيون. مخدوم صاحب جي وفات (1161ھ) بعد ڪو ڪونه رهيو، جو انهيءَ مسجد واري مدرسي کي قائم رکيو اچي. شاهه عبداللطيف به ٺٽي مان هميشه لاءَ انهيءَ ڏينهن موڪلايو، جنهن ڏينهن سندس يار رخصت ورتي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو