مخدوم محمد شريف
ڏيک
مخدوم نورمحمد جو پوٽو مخدوم محمد شريف بن خواجه محمد يعقوب لڏي اچي سيتپور ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ مخدوم صاحب جي مريد نواب ”مٺڻ خان“ مٺڻ ڪوٽ نالي نئون شهر آباد ڪيو. نواب صاحب جي گذارش تي مخدوم محمد شريف لڏي اچي ”مٺڻ ڪوٽ“ ۾ رهائش اختيار ڪئي. مخدوم محمد شريف کي ٻه فرزند ٿيا: قاضي نور محمد ۽ قاضي محمد عاقل. ٻئي ڀائر عالم، فاضل[1] ۽ اهل دل بزرگ هئا.
حوالا
[سنواريو]- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو