مخدوم عبدالمجيد فيروزشاھي
مخدوم عبدالمجيد فيروز شاهي
هيءُ بزرگ علامه عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جو ڏاڏو هو. مخدوم صاحب ننڍيءَ عمر ۾ ئي يتيم ٿي پيو. ان زماني ۾ مولانا محمد صادق ڳچيري(تعلقو مورو) وارو انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. شايد مير صاحبن جو ملازم هو يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪندڙ هو. بهرحال مخدوم عبدالمجيد جي پرورش ڪندڙ، کيس پڙهڻ لاءِ مولانا محمد صادق جي حوالي ڪيو. مخدوم صاحب گچيري ۾ مولانا موصوف وٽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم نَحو تائين حاصل ڪئي. انهيءَ وقت ۾ مولوي صاحب وٽ سندس سبقن ۾ ناغا پوڻ لڳا، تنهنڪري مولوي صاحب کان رخصت گهريائين، جنهن تي مولوي صاحب کيس تنبيهه ڪئي ۽ رخصت نه ڏني. مولوي محمد صادق صاحب کي خواب ۾ ڪنهن مماتي واري بزرگ (غالباً سيدنا عبدالقادر) فرمايو ته هن (مخدوم عبدالمجيد) کي اجازت ڏي ته ڪٿي وڃي پڙهي. انهيءَ خواب کان پوءِ مولانا محمد صادق هن کي اجازت به ڏني ۽ هڪ رپيو راهه خرچ طور ۽ هڪ چادر ڏني. مخدوم صاحب ان کان پوءِ مٽيارين ڏانهن رخ رکيو. ان زماني ۾ مولانا محمد عثمان شهيد متعلويء جو مدرسو برک هو؛ ان ڪري وٽس آيو. جڏهن مولانا محمد عثمان کيس ڏٺو، تڏهين چيائين ته ”بابا! دير سان آيو آهين، تنهنجي لاءِ ته اڳيئي مون کي سفارش ٿيل آهي“! پوءِ هن بزرگ، مخدوم صاحب کي شفقت سان پڙهايو ۽ پنهنجو خاص خادم ڪيو. آخر فارغ التحصيل عالم ٿيو. انهيءَ زماني ۾ مٽيارين ۾ الهه بندو نالي هڪ فقير هوندو هو، جنهن مخدوم عبدالمجيد کي چيو ته ”بابا! هڪ هوا لڳندي، ان مان توکي سِلهه ٿيندي، جنهن مان جانبر ٿي نه سگهندين.“ خدا جي قدرت ٿيو به اِئين. جڏهين مخدوم صاحب گچيري ۾ پڙهندو هو، تڏهن ان وقت جو کنيارين وارو بزرگ اتي آيو. ان وقت مولانا عبدالمجيد ”هداية النحو“ پڙهندو هو. کينيارين واري بزرگ اول پنهنجي صاحبزادي کان ڪو قاعدو پڇيو، يا ڪتاب مان ڪو مڪان هو، جنهن جو جواب صاحبزادي کي نه آيو. ان کان پوءِ مولانا عبدالمجيد کان پڇيائين، جنهن جواب صحيح عرض ڪيو. ان تي بزرگ فرمايو ته ”ذالک فضل الله يؤ تيہ من يشاء“.- (اهو الله جو فضل آهي، وڻيس تنهن کي ڏئي). دستاربنديءَ بعد مخدوم صاحب ڳوٺ فيروز شاهه جي ڀرسان ٻن ميلن پنڌ تي ”ناري“ نالي هڪ ڳوٺ ۾، جتي سادات عظام رهندا آهن، انهن کي پڙهائڻ لاءِ مدرسو کوليو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ مولانا دين محمد اديب-- مخدوم عبدالمجيد فيروز شاهي مرحوم ر-سالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ