مواد ڏانھن هلو

محمد ﷺ جي اولاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد ﷺ جو اولاد
ٻار ٻچا
نالو پيدائش–وفات
قاسم 598–601ع
زينب 599–629ع
رقيہ 601–624ع
ام ڪلثوم 603–630ع
فاطمه 605/615–632ع
عبدالله 611–615ع
ابراهيم 630–632ع

عام اسلامي روايتن موجب، اسلام جي آخري نبي حضرت محمد ﷺ کي ٽي پٽ ۽ چار ڌيئرون هيون. پٽن جا نالا قاسم، عبدالله، ۽ ابراهيم هئا، جڏهن ته ڌيئرن جا نالا زينب، رقيہ، ام ڪلثوم ۽ حضرت فاطمه آهن.

ابراهيم کان سواءِ محمد ﷺ جو سمورو اولاد پهرين گهرواري خديجة الڪبريٰ مان پيدا ٿيو. ابراهيم جي والده ماريه قبطيه هئي. محمد ﷺ جي پٽن مان ڪو به بلوغت جي عمر تائين نه پهچي سگهيو، پر سندن سموريون ڌيئرون جوان ٿيون. نبي ڪريم ﷺ جي وفات وقت صرف حضرت فاطمه رضي الله عنها زنده هئي.

سني نقطي نظر

[سنواريو]

سني اسلامي ماخذن موجب، نبي ڪريم ﷺ جو اولاد هن ترتيب سان پيدا ٿيو:

  • قاسم: (598–601ع) پاڻ ﷺ جي پهرين پٽ هئڻ ڪري پاڻ کي "ابوالقاسم" چيو ويندو آهي.
  • زينب: (599–629ع) سڀ کان وڏي ڌيءَ، جنهن جو نڪاح ابوالعاص ابن ربيع سان ٿيو.
  • رقيہ: (601–624ع) جنهن جو نڪاح حضرت عثمان غني سان ٿيو.
  • ام ڪلثوم: (603–630ع) حضرت رقيہ جي وفات کانپوءِ هن جو نڪاح به حضرت عثمان سان ٿيو.
  • فاطمه: (605–632ع) سڀ کان ننڍي ۽ لاڏلي ڌيءَ، جنهن جو نڪاح حضرت علي ابن ابي طالب سان ٿيو.[1]
  • عبدالله: (611–615ع) کيس طاهر ۽ طيب به چيو ويندو آهي.
  • ابراهيم: (630–632ع) مديني منوره ۾ حضرت ماريه قبطيه مان پيدا ٿيو.[2]

شيعه نقطي نظر

[سنواريو]

اثنا عشري شيعه ماخذن مان ڪجهه جو اهو رايو آهي ته حضرت فاطمه الزهرا ئي نبي ڪريم ﷺ جي واحد حياتياتي (Biological) ڌيءَ هئي.[3] انهن جو استدلال آهي ته حضرت خديجه جي عمر کي ڏسندي ايتري اولاد جو هجڻ مشڪل آهي. انهن موجب زينب، رقيہ ۽ ام ڪلثوم يا ته حضرت خديجه جي ڀيڻ "هالا" جون ڌيئرون هيون جن جي پرورش محمد ﷺ ڪئي هئي،[4] يا اهي حضرت خديجه جي اڳوڻي مڙس مان هيون.[5] تنهن هوندي به، هي رايو شيعه عالمن جي هڪ گروهه جو آهي، جڏهن ته عام طور تي کين نبي ﷺ جي نپٽن طور سڃاتو ويندو آهي.

نسل ۽ اولاد

[سنواريو]

محمد ﷺ جا سمورا پٽ ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا هئا.[6] ڪجهه تاريخ نويسن جو خيال آهي ته پٽن جي وفات وراثت تي ٻڌل جانشينيءَ جي نظام کي ختم ڪري، الهامي چونڊ (جانشيني) لاءِ راهه هموار ڪئي.[7]

نبي ﷺ جو نسل حضرت فاطمه ۽ حضرت عليءَ جي اولاد (حضرت حسن ۽ حضرت حسين) مان سڄي دنيا ۾ پکڙيو.[1] سندن نسل کي سيد يا شريف جي لقب سان عزت ڏني ويندي آهي.[8] زينب مان هڪ نياڻي امامه بنت ابي العاص هئي، جنهن سان حضرت فاطمه جي وفات کانپوءِ حضرت عليءَ نڪاح ڪيو هو.[9]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Buehler 2014.
  2. Ali 2008, p. 17.
  3. Abbas 2021, p. 33.
  4. Fedele 2018, p. 56.
  5. Keaney 2021, p. 135.
  6. Hughes 1885, p. 869.
  7. Madelung 1997, pp. 9, 17.
  8. Kazuo 2012, p. 2.
  9. Haylamaz 2007, p. 83.

ڪتابيات

[سنواريو]
  • Abbas, H. The Prophet's Heir: The Life of Ali ibn Abi Talib. Yale University Press, 2021.
  • Ali, K. "Khadijah" in Oxford Encyclopedia of Women in World Religions. 2008.
  • Madelung, W. The Succession to Muhammad. Cambridge University Press, 1997.

سانچو:Muhammad footer