مواد ڏانھن هلو

محمد مٺل جسڪاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مٺل جسڪاڻي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾

محمد مٺل جسڪاڻي، ليکڪ جو جنم، 15 جنوري 1961ع ۾ ڳوٺ ٽئونر جسڪاڻي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو.

تعليم

[سنواريو]

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان پلانٽ پيٿالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي ڪيائين.

ملازمت

[سنواريو]

مٺل جسڪاڻي اتي ئي 1984ع تائين کُنڀين جي هٿرادو پوک متعارف ڪرائڻ واري پهرئين تحقيقاتي پروجيڪٽ ۾ ريسرچ آفيسر مقرر ٿيو، 1989ع کان باغبانيءَ واري تحـقـيـقـاتـي اداري مـيـرپـورخـاص ۾ اسسٽنٽ پلانٽ پيٿالاجسٽ ۽ 1994ع کان زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊي ڄام ۾ اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هيءُ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان زرعي معلوماتي مضمون به لکندو رهي ٿو.

تحقيقون

[سنواريو]

هن جا زرعي ۽ ادبي موضوعن تي 100 کان وڌيڪ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هيءُ ماهوار ’جديد زرعي کوجنا‘ جو ايڊيٽر آهي.[1]

حوالو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]