محمد ملوڪ انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نامور ليکڪ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد -انڙ- 23 -آگسٽ- 1946ع تي ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير -آباد- (نوابشاهه) ۾ -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- 1951ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ راهب شاهه مان ورتائين. ساڳئي اسڪول مان قرآن مجيد، انگريزيءَ جا ٽي درجا ۽ 1960ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. 1965ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’طارق لائبريري‘ قائم ڪيائين، جنهن ۾ اٽڪل 12 هزار ڪتاب، اخبارون، رسالا، قلمي نسخا، ناياب -تصويرون-، -ثقافت- ۽ آرٽ جون مختلف شيون ۽ نوادرات پڻ موجود آهن. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. مخدوم -بلاول- شهيد ويلفيئر ائسوسيشن جو باني چيئرمئن، هيومن رائٽس ڪميشن آف -پاڪستان- جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو ميمبر ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، -جن- ۾ -پاڪستان- سوشل ايسوسيئيشن طرفان ٻه ڀيرا ستاره سماج گولڊ ميڊل، قائد اعظم محمد علي جناح اوارڊ، صحافي محرم -ڀٽي- اوارڊ، شڪيل -پٺاڻ- اوارڊ، قاضي سرفراز اوارڊ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) منهنجي يادن جون ريکائون (مضمون)، (2) سنيها سرير ۾ (خط) شامل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]