محمد شاھ امروٽي
مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ديواني‘ لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ -جنم- ورتو. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ جو والد نظام الدين شاهه، نامور عالم مولانا -تاج- محمود امروٽيءَ جو ڀائيٽو هو، جيڪو مولانا -تاج- محمود جي وفات بعد -امروٽ شريف- ضلعي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ درگاهه جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪرڻ لڳو. سيد محمد شاهه امروٽي قرآن مجيد جي -تعليم- ۽ سنڌي ڇهه درجا -امروٽ شريف- ۾ پڙهيو. -ان- کانپوءِ ديني -تعليم- مختلف مدرسن ۾مختلف عالمن کان حاصل ڪيائين، باقي -تعليم- -تاج- المدراس امروٽ ۾ مڪمل ڪري دستار ٻڌائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. والد جي وفات بعد درگاهه -امروٽ شريف- جو ٽيون سجاده نشين ٿيو، جنهن کانپوءِ سمورو وقت مريدن جي ذڪر اذڪار ۽ درگاهه جي انتظام سنڀالڻ ۾ گذارڻ لڳو. -پاڪستان- جي قيام بعد جڏهن ’-جمعيت- العلماءَ -اسلام-‘ نالي هڪ سياسي جماعت قائم ٿي ته محمد شاهه -ان- جماعت ۾ شامل ٿيو، ون يونٽ بعد -جمعيت- العلماءَ -اسلام- سنڌ جو -امير- (صدر) چونڊيو ويو ۽ آخر تائين -ان- عهدي تي رهيو. -ان- کان علاوه مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن ۽ ڪجهه وقت لاءِ -جمعيت- جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو . 1977ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- جي حڪومت خلاف -پاڪستان- قومي -اتحاد- تحريڪ هلي ته -ان- ۾ به امروٽي ڀرپور حصو ورتو، -ان- تحريڪ دوران محمد شاهه ڪيترو وقت سينٽرل جيل سکر ۾ قيد به رهيو. 1983ع ۾ ايم. -آر-. ڊي ۾ به حصو ورتائين. مولانا کي طب ۾ به سٺي مهارت هئي. هو سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. هن ٽي ڪتاب لکيا، -جن- مان هڪ ڪتاب ’ڇا ڏٺو آهي تو؟‘ جيڪو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ جي رد ۾ لکيل هو، پر اهو شايع ٿي نه سگهيو. باقي سندس -ٻه ڪتاب- ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ شايع ٿيل آهن. اهي ٻئي ڪتاب دارالااشاعت امروٽ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.[1]