مواد ڏانھن هلو

محمد سليمان سليم ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا محمد سليمان ولد ابڙو فقير ڳوٺ ملان ابڙا تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ھن ديني -تعليم- مولانا غلام عمر جتوئيءَ وٽ ”مدرسه دارالفيض“ مان حاصل ڪئي، پاڻ مولانا جتوئيءَ جو پيارو شاگرد ھو. ھن جون صادر ڪيل فتوائون پڻ تحرير ڪندو ھو. مولانا محمد سليم -جتوئي- صاحب جي ڪتب خاني مدرسه دارالفيض جو انچارج به ٿي رھيو ۽ ديني -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ھو ڳوٺ ڪارڙن واري مسجد ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ مدرس مقرر ٿيو. مولانا محمد سليمان ابڙو پنھنجي وقت جي سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪندو ھو، -تحريڪ خلافت- دوران لاڙڪاڻي ڪانفرنس ۾ حصو ورتائين. پاڻ سٺو شاعر ھو ۽ ”سليم“ تخلص ھيس. مولانا سليمان ”سليم“ جي شاعري غزلن، مولودن ۽ ڪافين تي مشتمل آھي، سندس تحرير ڪيل ديني ڪتاب ۽ شعري مجموعو قلمي صورت ۾ سندس ڀائيٽي محمد احسان ولد محمد حسن وٽ موجود آھي.[1]

حوالا

[سنواريو]