محمد خان مري بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خليفو محمد خان مري بلوچ نقشبندي طريقي ۾ پير سڄڻ سائين جو خليفو هو. پاڻ گلشن اقبال، ڪراچي ۾ رهندو هو، جتي 26 فيبروري 2014 تي 80 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازي جي نماز مولانا محمد ابراهيم بروهي پڙهائي، ۽ کيس سندس اباڻي ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي، کپري تعلقي، ضلع سانگهڙ ۾ دفن ڪيو ويو.