ماھيگيري
مڇي ماري يا ماهيگيري (Fishing) مڇي پڪڙڻ جي هڪ سرگرمي آهي. مڇيون اڪثر ڪري قدرتي ماحول (تازي پاڻي جو ماحول يا سامونڊي ماحول) مان پڪڙيون وينديون آهن، پر اهي هٿرادو ذخيرو ڪيل پاڻي جي هنڌن جهڙوڪ تلاءُ، واهه، پارڪن جي سيلي علائقن ۽ ذخيرن مان به پڪڙي سگهجن ٿيون. مڇي مارڻ جي طريقن ۾ ٽرالنگ (trawling)، لانگ لائننگ، جگنگ، هٿن سان مڇي پڪڙڻ، نيزي سان مڇي مارڻ، ڄار اڇلائڻ، ڪنڍي سان مڇي مارڻ (angling)، تير اندازي ۽ پڃرن جو استعمال شامل آهي. ان کان علاوه ڪجهه نقصانڪار ۽ اڪثر غير قانوني طريقا جهڙوڪ بجليءَ جا جهٽڪا، ڌماڪا ۽ زهر جو استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي.
لفظ "مڇي ماري" وسيع معنيٰ ۾ مڇي کانسواءِ ٻين آبي جانورن جهڙوڪ ڪرستيشيا (جهنگو/لوبسٽر/ڪيڪڙا), سپيون، اڪٽوپس ۽ تارا مڇي پڪڙڻ لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. هي اصطلاح عام طور تي مڇي پالڻ (aquaculture) لاءِ استعمال نه ڪبو آهي. اهڙي طرح آبي کير پياريندڙ جانورن جي شڪار لاءِ مڇي ماريءَ جي بدران ويل جو شڪار (whaling) جهڙا اصطلاح استعمال ٿيندا آهن.
انساني ثقافت ۾ مڇي ماري شڪاري دور کان وٺي هڪ اهم حصو رهي آهي. هي انهن چند خوراڪ پيدا ڪندڙ سرگرمين مان هڪ آهي جيڪا تاريخ کان اڳ جي دور کان وٺي جديد دور تائين برقرار آهي. خوراڪ کانسواءِ، مڇي ماري هڪ تفريحي مشغولي طور پڻ مشهور آهي.
گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم (FAO) جي انگن اکرن موجب، تجارتي ماهيگيرن ۽ مڇي پاليندڙن جو ڪل تعداد لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 90 لک آهي.[1] مڇي ماريءَ جي صنعت ۽ مڇي پالڻ ترقي پذير ملڪن ۾ 50 کروڑ کان وڌيڪ ماڻهن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح روزگار فراهم ڪري ٿي.[2]
تاريخ
[سنواريو]
مڇي ماري هڪ قديم عمل آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 40,000 سال اڳ جي قديم پٿر واري دور (Paleolithic) سان ملي ٿو.[3] مشرقي ايشيا جي 40,000 سال پراڻي قديم انسان "تيانيوان انسان" (Tianyuan man) جي باقيات جي تجزيي مان معلوم ٿيو آهي ته هو باقاعدي تازي پاڻيءَ جي مڇي کائيندو هو.[4] آثار قديمه مان مليل مڇين جا هڏا ۽ غارن ۾ چٽسالي ظاهر ڪن ٿا ته سامونڊي خوراڪ بقا لاءِ تمام اهم هئي. آفريڪا ۾ مڇي ماريءَ جا آثار انساني تاريخ جي شروعاتي دور ۾ ئي ملن ٿا. نينڊرتھل انسان لڳ ڀڳ 2,00,000 ق.م ۾ مڇي ماريندا هئا.[5]
ٽرالنگ
[سنواريو]برطانوي "ڊاگر" (dogger) 17هين صديءَ ۾ سڙهه سان هلندڙ ٽرالر جو هڪ شروعاتي قسم هو، پر جديد مڇي مارڻ وارو ٽرالر 19هين صديءَ ۾ انگلينڊ جي بندرگاهه "برڪسهم" (Brixham) ۾ تيار ڪيو ويو. 19هين صديءَ جي شروعات ۾ مڇين جي ذخيرن ۾ گهٽتائيءَ سبب ماهيگيرن کي دور دراز علائقن تائين وڃڻ جي ضرورت پئي. برڪسهم ٽرالر جي بناوٽ اهڙي هئي جو اهو تيز رفتاريءَ سان اونهي پاڻيءَ ۾ وڏا ڄار ڇڪي سگهندو هو. ان ڪري برڪسهم کي 'عميق سمنڊ جي مڇي ماريءَ جي ماءُ' چيو ويندو آهي.[6]

هن انقلابي ڊيزائن ماهيگيرن کي ايٽلانٽڪ سمنڊ جي وڏن ميدانن تائين پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ گريمزبي (Grimsby) جهڙا شهر دنيا جا وڏا مڇي مارڻ جا بندرگاهه بڻجي ويا.
پهرين ٻاف سان هلندڙ (Steam-powered) مڇي مارڻ واري ٻيڙي 1870ع جي ڏهاڪي ۾ ظاهر ٿي. ڊيوڊ ايلن 1875ع ۾ اسڪاٽلينڊ ۾ پهرين ٻاف سان هلندڙ ٻيڙي تيار ڪئي ۽ 1877ع ۾ دنيا جو پهريون پروپيلر وارو اسٽيم ٽرالر ٺاهيو.[7]
تفريحي مڇي ماري
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو تفريحي مڇي ماري

تفريحي مڇي ماريءَ جي شروعات بابت پڪي خبر ناهي، پر جاپان ۾ "فلائي فشنگ" (fly fishing) جا قديم آثار ملن ٿا. تفريحي مڇي ماريءَ تي پهريون انگريزي مضمون 1496ع ۾ جوليانا برنرز (Juliana Berners) لکيو هو، جنهن جو عنوان Treatyse of Fysshynge wyth an Angle هو.[8]
1653ع ۾ ايزاڪ والٽن جو مشهور ڪتاب The Compleat Angler شايع ٿيو، جنهن مڇي ماريءَ کي هڪ فن ۽ روحاني سرگرمي طور پيش ڪيو. 1655ع ۾ چارلس ڪربي مڇي مارڻ جي ڪنڍي (hook) جي هڪ بهتر ڊيزائن تيار ڪئي جيڪا اڄ به ڪجهه تبديلين سان استعمال ٿئي ٿي.[9]
18هين صديءَ ۾ مڇي مارڻ جي لٺين (Fishing rod) ۾ وڌيڪ سڌارا آيا ۽ مڇي ماريءَ جي سامان جو ڪاروبار وسيع ٿي ويو. صنعتي انقلاب کان پوءِ فلائي لائنز ٺاهڻ لاءِ مشينن جو استعمال شروع ٿيو، جنهن سان هي مشغولو وڌيڪ عام ٿيو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ FAO (2020). "The State of World Fisheries and Aquaculture 2020: Sustainability in Action". The State of World Fisheries and Aquaculture (FAO): 7. doi:. https://doi.org/10.4060/ca9229en.
- ↑ Fisheries and Aquaculture in our Changing Climate Policy brief of the FAO, December 2009.
- ↑ African Bone Tools Dispute Key Idea About Human Evolution National Geographic News article.
- ↑ Yaowu Hu (2009). "Stable isotope dietary analysis of the Tianyuan 1 early modern human". Proceedings of the National Academy of Sciences 106 (27): 10971–74. doi:.
- ↑ "History of fishing – fishing nets, shellfish, boats". quatr.us Study Guides. 12 June 2017.
- ↑ "History of a Brixham trawler". JKappeal.org.
- ↑ "The Steam Trawler".
- ↑ Berners, Dame Juliana (1496) A treatyse of fysshynge wyth an Angle
- ↑ Stan L. Ulanski (2003). The Science of Fly-fishing. ص. 4.