ماڱر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ماڱر :

سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ (ماڃر) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي – ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي. تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ، پـــسي راڻــين روءِ، مــتان مــــاڱر مـــــٿيين. (شاهه) سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي، جو سمي گهراڻي مان هو، سو نوري نالي هڪ مهاڻي، ذات جي گندري، پرڻيو هو. مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب نوري مهاڻيءَ کي ”ماڱر“ سڏيو آهي. نوري مهاڻي ڪينجهر ڍنڍ ڏي رهندي هئي. اها ڍنڍ هيلايا، تعلقي ٺٽي ۾ آهي. هن وقت ڪينجهر ڏي ماڱر ذات وارا ڪينهن، باقي سجاول ڏي گهڻا آهن. اهو سجاول وارو پاسو اڄ تائين ”ماڃر“ سڏجي ٿو. اڳي ٺٽي ۽ سجاول جو ڳچ پاسو پاڻيءَ هيٺ هو. ان وقت سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. سن 1758ع ۾ سنڌوندي نصرپور وٽان رخ ڦيرائي، هاڻوڪي واٽ ورتي، ته ڦليليءَ جو وهڻ بند ٿي ويو. ان وقت درياهه هتان بهر رخ ڦيريو، جنهنڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا. سجاول وارو پاسو انهيءَ کانپوءِ وسيو. نه ته اتي اصل ماڃر ذات جا مهاڻا رهندا هئا، جي مڇيون ماريندا هئا، ۽ مسافرن کي پتڻ به اُڪاريندا هئا، سجاول طرف ”ماڱر“ بدران ”ماڃر“ چون – يعني ”ڱ“ کي مٽي ”ڃ“ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيو ئي آهي. اهو اصل دراوڙي لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”ڄار رکندڙ يعني مهاڻو“ سجاول ڏي ”ماڃر“ نالي ڍنڍ به آهي، جنهن تي پڻ انهن مهاڻن جو نالو پيل آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}