مواد ڏانھن هلو

مانڌاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مانڌاڻو:(انگريزي: Mandhano) هي گاهه ڏاڍي زمين ۾ اُڀرندو آهي، جنهن ڪري ڏهرن ۾ جام ٿيندو آهي، پاسن کان سنها ڊگهيرا پن ٿيندا آهن. وچ ۾ ڏانڊي ٿيندي آهي، جنهن جي چوٽيءَ تي چئن – پنجن بعضي ڇهن ڦاڪن سان سنگ ٿيندو آهي، جو هوبهو مانڌاڻي وانگر ڏسبو آهي. اڃا به ڦاڪون وڌيڪ کليل هونديون آهن، جنهن ڪري اُن کي ”جهيرڻو“ به چون. هي گاهه رڍون، ٻڪريون، ڇيلا، ڍڳيون، گابا، مينهون ۽ گڏهه جام کائيندا آهن. هن ۾ اڇي رنگ جو سنهڙو اَن ٿيندو آهي، جو ڏوٿيئڙا ڏڪار وقت ٻاجهريءَ سان ملائي پيهي ماني پچائي کائيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو