مواد ڏانھن هلو

ماسيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ماسيرو
Maseru
مٿيان: ماسيرو مرڪزي علائقو؛ وچ ۾: ليڊي آف وڪٽري چرچ ۽ بوسوٿو هيٽ شاپ؛ هيٺيان: هني مون پارڪ
Official seal of ماسيرو
ملڪ ليسوٿو
ضلعوماسيرو ضلعو
بنياد پيو1869ع
آبادي3,30,760
(2016ع جي آدمشماري)
گھاٽائي2,397 في چورس ڪلوميٽر
پکيڙ137.5 چورس ڪلوميٽر
اچائي1,600 ميٽر
ٽائيم زونUTC+2 (SAST)
(ڏکڻ آفريڪا جو معياري وقت)
Elevation
1,600 m (5,200 ft)
Population
 (2016 census)
  Total
330,760
  Density2,397/km2 (6,210/sq mi)
Time zoneSAST

ماسيرو (Maseru) ليسوٿو جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. اهو ماسيرو ضلعي جو گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. ڪيليڊون نديءَ تي واقع، ماسيرو سڌو ليسوٿو-ڏکڻ آفريڪا سرحد تي واقع آهي. سال 2016ع جي آدمشماري ۾ ماسيرو جي آبادي 3,30,760 هئي. شهر کي هڪ پوليس ڪئمپ جي طور تي قائم ڪيو ويو هو ۽ سال 1869ع ۾ ملڪ جي برطانوي سرپرستي ۾ اچڻ کان پوءِ ان کي گاديءَ جي هنڌ طور مقرر ڪيو ويو. جڏهن سال 1966ع ۾ ملڪ آزادي حاصل ڪيو، تڏهن ماسيرو پنهنجي گاديءَ جي حيثيت برقرار رکيو. شهر جو نالو سيسوٿو ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ "ڳاڙهي واريءَ جا پٿر" آهي.[1] [2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sam Romaya; Alison Brown (April 1999). "City profile: Maseru, Lesotho". Cities 16 (2): 123–133. doi:10.1016/S0264-2751(98)00046-8.
  2. A. Mabille; H. Dieterlen (1993). Southern Sotho English Dictionary (reclassified, revised and enlarged by R. A. Paroz; 1950 ed.). Morija: Morija Sesuto Book Depot. pp. 349.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]