مواد ڏانھن هلو

مارٽن لوٿر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مارٽن لوٿر
مارٽن لوٿر (1528ع جو پورٽريٽ)
پيدائش10 نومبر 1483
آئيسليبين، سيڪسني، مقدس رومي سلطنت
وفاتفيبروري 18, 1546 (عمر 62 سال)
آئيسليبين، مقدس رومي سلطنت
پيشوپادري، مذهبي عالم، پروفيسر، شاعر
شھرت جو ڪارڻپروٽسٽنٽ سڌارو (Protestant Reformation)
جيون ساٿيڪيٿرين وون بورا (Katharina von Bora)
سڃاڻپ نشان

مارٽن لوٿر (Martin Luther؛ 10 نومبر 1483 – 18 فيبروري 1546) هڪ جرمن پادري، مذهبي عالم، اديب، شاعر، ۽ پروفيسر هو. هو "پروٽسٽنٽ سڌاري" (Protestant Reformation) جي تحريڪ جو باني ۽ مرڪزي اڳواڻ هو. سندس مذهبي عقيدن تي ئي "لوٿرنزم" (Lutheranism) جو بنياد پيو. کيس مغربي ۽ مسيحي تاريخ جي بااثر ترين شخصيتن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.

مذهبي تحريڪ ۽ اختلاف

[سنواريو]

مارٽن لوٿر 1507ع ۾ پادريءَ طور مقرر ٿيو. هن رومن ڪيٿولڪ چرچ جي ڪيترن ئي تعليمات ۽ عملن، خاص طور تي "مغفرت جي پروانن" (Indulgences) جي وڪري ۽ پوپ جي مطلق اختيارن جي مخالفت ڪئي. 1517ع ۾ هن پنهنجو مشهور مقالو 95 ٿيسز (Ninety-five Theses) لکي بين الاقوامي بحث جو آغاز ڪيو. 1521ع ۾ پوپ پاران کيس مذهب مان خارج (Excommunicate) ڪيو ويو ۽ مقدس رومي شهنشاهه چارلس پنجين کيس قانوني طور ڏوهاري قرار ڏنو.

مذهبي نظريا

[سنواريو]

لوٿر جي تعليم هئي ته انسان جي نجات (Justification) ڪنهن انساني عمل يا نيڪيءَ سان نه، پر رڳو خدا جي رحمت ۽ حضرت عيسٰي تي ايمان آڻڻ سان ملي ٿي. هن جو مڃڻ هو ته انجيل (Bible) ئي الاهي علم جو واحد ذريعو آهي، جنهن ڪري هن پوپ ۽ بشپن جي اختيار کي چئلينج ڪيو. هن جو خيال هو ته هر بپتسما ورتل مسيحي پاڻ ۾ هڪ پادري آهي، جنهن کي "عمومي پادريت" جو نظريو چيو وڃي ٿو.

ثقافتي ۽ لساني خدمتون

[سنواريو]

لوٿر پاران بائيبل جو جرمن زبان ۾ ترجمو هڪ تاريخي ڪارنامو هو، جنهن عام ماڻهن تائين مذهبي ڪتاب جي پهچ ممڪن بڻائي. ان ترجمي جرمن ٻوليءَ کي هڪ معياري شڪل ڏني ۽ ترجمي جي فن تي به اثر وڌو. هن جي لکيل مذهبي گيتن پروٽسٽنٽ گرجا گهرن ۾ ڳائڻ جي رواج کي جنم ڏنو. هن هڪ اڳوڻي راهبه، ڪيٿرين وون بورا سان شادي ڪري مذهبي پيشوائن (Clergy) جي شاديءَ جي روايت جو بنياد وڌو.

تڪراري پهلو

[سنواريو]

پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾، لوٿر يهودين جي خلاف سخت مخالفانه خيالن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب "يهودي ۽ سندن ڪوڙ" (On the Jews and Their Lies) ۾ يهودين کي ملڪ مان ڪڍڻ ۽ سندن عبادتگاهن کي ساڙڻ جو مشورو ڏنو. جيتوڻيڪ هن يهودين جي قتل جي حمايت نه ڪئي، پر ڪيترن ئي مؤرخن جو خيال آهي ته سندس اهڙي ٻوليءَ جرمنيءَ ۾ يهودين جي خلاف نفرت پکيڙي، جنهن صدين کانپوءِ نازي پارٽيءَ جي اڀار ۾ مدد ڪئي.

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]