مواد ڏانھن هلو

ماروي سرمد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


 ماروي سِرمَد Marvi Sirmed


پيدائشماروي سِرمد
پيشوصحافڻ, انساني حقن جي رُڪن
جيون ساٿيSirmed Manzoor[1]
ويب سائيٽ
marvisirmed.com

ماروي سرمد; (جنم 11 جون 1961) هڪ پاڪستاني سياسي ڪامينٽيٽر، صحافي، ۽ انساسي حقن جي ڪارڪن آهي .[2][3][4] سال 1990 ۾ صحافتي ڪم شروع ڪيائين. ماروي حدود آرڊينس، قانون توھين رسالت ۾ ترميم ۽ ڪاروڪاري جي موضوع تي آواز بلند ڪري رھي آھي. انکانسواءِ ماروي. مذھبي ۽ نسلي اقلتين جي حقن پاڪستان ۾ مبينا طور پر ھندو ۽ مسيحي ڇوڪرين جي جبري تبديلي مذھب جي خلاف ڳالھائي ٿي. جنسي هيسائڻ, نفرت انگيز تقريرن، گھريلو تشدت هن جو خاص موضوع آھي. ماروي تي ڪيترا ڀيرا موتمار حملا ٿيا آھن.

ذاتي زندگي

[سنواريو]

ماروي سرمد پيدائش 11 جون 1961ع ۾ ھڪ هاريءَ جي گھر ۾ پيدا ٿي. سندس پيءُ چوڌري انوارالحق بيوروڪيٽ ھو. جيڪو ڊاريڪٽر جنرل جي عھدي سان 2003ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو، پر ان تي مالي گهوٽالو (بدعنواني) جا گهڻا الزام لڳا آھن. ڏاڏو چوڌري عبدالرحمان بھاولپور (پنجاب) جو هڪ هاري ھو. هن جا ابا ڏاڏا رياست بھاولپور جي نواب سان بنجر زمين کي فصل پوکڻ جي قابل تيار ڪري  رھيا ھئا. ان جي خاندان جا ڪجهه ماڻهو پنجاب ۽ سنڌ باقي جالنڌر ۾ موجود ھئا. جڏھن پاڪستان ٺھيو. سرمد جا ٻه ڀائر آهن. جيڪي ماروي کان الڳ سياسي نظر رکن ٿا. ٻئي عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا پرجوش حصيدار آهن. وڏو ڀاءُ نويد بن انورء پي ٽي آءِ ڪينيڊا جو پسند جو ماڻھن آھي. جڏھن تہ ننڍو ڀاءُ نبيل بن انورء لاھور جي چُونڊ تَڪ اين اي 120 ۾ پي ٽي آءِ جو پسند جو ماڻھو آھي. ماءُ ۽ پيءُ ٻئي رٽائرڊ ۽ بيمار رھن ٿا. هن جي شادي 3 مئي 1997 صحافي منظور سرمد سان ٿي ھئي. ۽ ان کي ڪم واري صحافي 25 سالن ۾ سرمد کي فرنٽئير لاھور پوسٽ لاءِ لاھور نيوز ۽ سائوٿ ايشين فري ميڊيا اسوسيئيشن ۾ ڪم ڪيو. ان وقت سرمد ھڪ فري لانسر صحافي هُئي.

سماجي ڪم

[سنواريو]

عورتن جي آزادي مارچ جي حوالي سان ماروي سرمد خليل الرحمان جي وچ ۾ تيز جملن جي ڏي وٺ ٿي،[5][6] ان کان اڳ ماروي سرمد کي قتل ۽ ڏاڍائيءَ جون ڌمڪيون پڻ مليون هيون.[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ":1".
  2. ↑ "Marvi Sirmed, Journalist and Project Manager UNDP". هيرلڊ. اصل نسخو مان 2020-02-25 تي محفوظ ڪيل. آگسٽ 19, 2013 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ "Relevance of liberals". The Nation (آمريڪي انگريزي ۾). 2016-12-29 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ "JUI-F Senator 'verbally abuses' female analyst during TV talk show". DAWN.COM. 2016-06-11. 2016-12-29 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ "ماروي سرمد زنده باد". Awami Awaz (اردو ۾). 2020-03-06. 2020-03-11 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ "خلیل الرحمان قمر کی ماروی سرمد سے بد تمیزی". ہم نیوز (برطانوي انگريزي ۾). 2020-03-04. 2020-03-11 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ "مجھے قتل اور جنسی ذیادتی کی دھمکیاں مل رہی ہیں، ماروی سرمد". AAJ News (اردو ۾). 2020-03-11 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]