مواد ڏانھن هلو

مارلن منرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مارلن منرو
منرو 1953ع ۾
پيدائشنارما جين مورتينسن
جون 01 1926(1926-06-01)
لاس اينجلس، ڪيليفورنيا، يو. ايس.
وفات4 آگسٽ 1962(1962-08-04) (عمر 36 سال)
لاس اينجلس، ڪيليفورنيا، آمريڪا
وفات جو ڪارڻباربيٽيورٽ جو وڌيڪ مقدار (اوورڊوز)
قوميتآمريڪي
ٻيا نالانارما جين بيڪر
پيشوليکڪا، فلم ساز، اداڪاره
سَرگَرمُ سالَ1945–1962
شھرت جو ڪارڻجنٽلمين پريفر بلانڊز (1953) ۽ دي سيون ييئر اچ (1955)

مارلن منرو (پيدائش: نارما جين مورتينسن؛ 1 جون 1926ع – 4 آگسٽ 1962ع) هڪ آمريڪي اداڪاره، ليکڪا، ماڊل، ڳائڻي ۽ فلم ساز هئي. هوءَ پنهنجي مزاحيه "بلانڊ بم شيل" ڪردارن جي ڪري مشهور هئي ۽ 1950ع واري ڏهاڪي جي مشهور ترين سيڪس سمبل بڻجي وئي.[1] 1946ع کان 1962ع جي وچ ۾ هن 44 فلمن ۾ ڪم ڪيو. جيتوڻيڪ هوءَ صرف هڪ ڏهاڪي تائين اعليٰ درجي جي اداڪاره رهي، پر 1962ع ۾ سندس اوچتي موت تائين سندس فلمن 200 ملين ڊالر ڪمايا هئا.

شروعاتي زندگي

[سنواريو]
مارلن منرو ننڍپڻ ۾

نارما جين مورتينسن 1 جون 1926ع تي لاس اينجلس، ڪيليفورنيا جي هڪ اسپتال ۾ پيدا ٿي.[2] 2022ع تائين سندس پيءُ بابت ڄاڻ نه هئي، پر ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي معلوم ٿيو ته هو چارلس اسٽينلي گفورڊ هو.[3] سندس ماءُ، گليڊس بيڪر، دماغي طور مستحڪم نه هئي، تنهنڪري نارما جين کي هڪ عيسائي جوڙي، آئيڊا ۽ البرٽ بولينڊر وٽ پالنا لاءِ موڪليو ويو.[4] 1933ع ۾ گليڊس کيس واپس ورتو، پر جلد ئي کيس شيزوفرينيا جي تشخيص ٿي ۽ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.[5] ان کان پوءِ نارما جين جو ننڍپڻ مختلف يتيم خانن ۽ مائٽن وٽ گذريو. 16 سالن جي عمر ۾، ٻيهر يتيم خاني وڃڻ کان بچڻ لاءِ، هن 19 جون 1942ع تي پنهنجي پاڙيسري جيمس ڊوهرٽي سان شادي ڪئي.[6] جڏهن هوءَ اداڪاره بڻجڻ چاهي پئي، ته ڪانٽريڪٽ جي شرطن موجب هن 1946ع ۾ کيس طلاق ڏئي ڇڏي.

فلمون

[سنواريو]
مارلن منرو پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾، 1947ع

پنهنجي شهرت لاءِ هن پنهنجا وار سنهري (blonde) رنگ ڪرايا ۽ نالو بدلائي مارلن منرو رکيو.[7] هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ننڍن ڪردارن سان ڪئي، پر فلم All About Eve ۽ The Asphalt Jungle (1950) سان کيس وڏي سڃاڻپ ملي.[2] 1953ع ۾ فلم Niagara، Gentlemen Prefer Blondes، ۽ How to Marry a Millionaire هن کي عالمي شهرت ڏياري.[7] 1955ع ۾ هن فلم The Seven Year Itch ۾ ڪم ڪيو، جنهن جو سب وي گريٽ وارو منظر تاريخي بڻجي ويو. 1959ع ۾ هن جي فلم Some Like It Hot رليز ٿي، جنهن لاءِ هن کي بهترين اداڪاره جو گولڊن گلوب ايوارڊ مليو.[8] سندس آخري فلم 1961ع ۾ The Misfits هئي.

ذاتي زندگي

[سنواريو]


شاديون

[سنواريو]

منرو 14 جنوري 1954ع تي مشهور بيس بال رانديگر جو ڊي ميگييو سان شادي ڪئي، جيڪا صرف نو مهينا هلي سگهي. 29 جون 1956ع تي هن ليکڪ آرٿر ملر سان شادي ڪئي، جنهن لاءِ هن يهوديت اختيار ڪئي. هن شادي دوران منرو جا ٽي حمل ضايع ٿيا، جنهن جو سبب سندس بيماري (endometriosis) هئي. هيءَ شادي 1961ع ۾ ختم ٿي وئي.

مارلن منرو 4 آگسٽ 1962ع تي لاس اينجلس ۾ صرف 36 سالن جي عمر ۾ باربيٽيورٽس جي وڌيڪ مقدار کائڻ سبب فوت ٿي وئي.

فلموگرافي

[سنواريو]
  • (منتخب فلمون)
* نيگرا (1953)
* جنٽلمين پريفر بلانڊز (1953)
* دي سيون ييئر اچ (1955)
* سم لائيڪ اٽ هاٽ (1959)
* دي مس فٽس (1961)

حوالا

[سنواريو]
  1. "Marilyn Monroe Biography (1926-1962)". www.filmreference.com.
  2. 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ":2".
  3. Keslassy, Elsa (2022-04-04). "Marilyn Monroe's Biological Father Revealed in Documentary 'Marilyn, Her Final Secret' (EXCLUSIVE)". Variety (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-01-03 تي حاصل ڪيل.
  4. "Marilyn Monroe's Early Life". HowStuffWorks (آمريڪي انگريزي ۾). 2007-08-29. 2026-01-04 تي حاصل ڪيل.
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ":4".
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ":3".
  7. 1 2 Clancy, Maggie (2024-06-01). "How Model Norma Jeane Transformed Into Marilyn Monroe, the Hollywood Icon: From Hair Care Ads to Box Office Bombshell". WWD (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-01-03 تي حاصل ڪيل.
  8. "Marilyn Monroe". Golden Globes (آمريڪي انگريزي ۾). 2026-01-03 تي حاصل ڪيل.

ذريعا

[سنواريو]