مارسيلئ
مارسئ (اوسيتان: Marselha) ڏکڻ فرانس جو هڪ شهر آهي. اهو "بوخس-دو-رون" (Bouches-du-Rhône) ڊپارٽمينٽ ۽ "پروونس-الپس-ڪوٽ ڊي ازور" علائقي جو انتظامي مرڪز (Prefecture) آهي. پرووينس (Provence) ۾ واقع هي شهر رومي سمنڊ جي ساحل تي موجود ”ڪوٽ بليو“ (Côte Bleue) جي اوڀر واري پڇاڙيءَ تي آباد آهي. پيرس کان پوءِ، مارسئ فرانس جو ٻيو نمبر وڏو آبادي وارو شهر آهي؛ 2023ع ۾، 241 چورس ڪلوميٽر (93 چورس ميل) جي ميونسپل علائقي ۾ ان جي آبادي 8,86,040 هئي.[5] پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن ۽ ٻاهرين آبادين سميت، مارسئ ميٽروپوليٽن علائقي (جيڪو 3,972 چورس ڪلوميٽر يا 1,534 چورس ميل تي پکڙيل آهي) جي آبادي 2023ع ۾ 19,17,728 هئي. [2] مارسئ، ايڪس-اين-پروونس (Aix-en-Provence) ۽ 90 ڀرپاسي وارين ميونسپلٽيز گڏجي 2016ع ۾ "ايڪس-مارسئ-پروونس ميٽروپولس" (Aix-Marseille-Provence Metropolis) جوڙڻ ٿا؛ هي هڪ اڻ سڌي طرح چونڊيل ميٽروپوليٽن اٿارٽي آهي جيڪا هاڻي وسيع ميٽروپوليٽن معاملن جي ذميوار آهي ۽ سال 2023ع ۾ ان جي آبادي 19,39,077 هئي. مارسئ جي ڏکڻ-اوڀر واري حصي ۾ "ڪالانڪس نيشنل پارڪ" (Calanques National Park) واقع آهي، جنهن ڪري مارسئ فرانس جو اهو واحد وڏو شهر آهي جنهن جي حدن اندر هڪ نيشنل پارڪ موجود آهي.
لڳ ڀڳ 600 ق.م. ۾ يوناني آبادڪارن پاران قائم ڪيل، مارسئ فرانس جو قديم ترين شهر آهي ۽ يورپ جي انهن قديم ترين آبادين مان هڪ آهي جتي مسلسل انساني آبادي رهي آهي.[6] قديم يوناني ان کي "ماساليا" (Massalia) ۽ رومي "ماسيليا" (Massilia) جي نالي سان سڃاڻندا هئا.[7][6] مارسئ قديم زماني کان وٺي هڪ واپاري بندرگاهه رهيو آهي. نوآبادياتي دور ۽ خاص طور تي 19هين صديءَ دوران هتي واپار ۾ وڏي ترقي آئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو هڪ خوشحال صنعتي ۽ واپاري شهر بڻجي ويو. "پراڻي بندرگاهه" اڃا تائين شهر جي مرڪز ۾ موجود آهي، جتي تقريبن ڇهه صديون اڳ ”مارسئ صابن“ جي تياري شروع ٿي هئي. بندرگاهه جي مٿان "نوٽري ڊيم ڊي لا گارڊ" (Notre-Dame de la Garde) واقع آهي؛ جنهن کي مارسئ جا ماڻهو "لا بون مير" (la Bonne Mère، مهربان ماءُ) سڏين ٿا. هي هڪ رومانو-بازنطيني (Romano-Byzantine) طرز جو چرچ ۽ شهر جي سڃاڻپ يا علامت آهي. اڄ، "گرانڊ پورٽ ميريٽائم ڊي مارسئ" (GPMM) ۽ سامونڊي معيشت علائقائي ۽ قومي معاشي سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مارسيلي فرانس جو پهريون، رومي سمنڊ جي علائقي جو ٻيو ۽ يورپ جو پنجون وڏو بندرگاهه آهي. [8] پنهنجي شروعات کان وٺي، رومي سمنڊ سان لاڳاپي سبب مارسئ هڪ بين الاقوامي ۽ گهڻ-ثقافتي (cosmopolitan) شهر بڻجي ويو آهي، جتي ڏکڻ يورپ، وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ ايشيا سان ثقافتي ۽ معاشي مٽاسٽا جو سلسلو رهيو آهي. يورپ ۾، لنڊن ۽ پيرس کان پوءِ هن شهر ۾ يهودي برادري جي ٽئين وڏي آبادي موجود آهي.[9]
1990ع واري ڏهاڪي ۾، معاشي ترقي ۽ شهري بحاليءَ لاءِ "يورو ميڊيٽرينين" (Euroméditerranée) منصوبو شروع ڪيو ويو. 2000ع ۽ 2010ع وارن ڏهاڪن ۾ نوان بنيادي ڍانچي جا منصوبا ۽ بحاليءَ جا ڪم ڪيا ويا: جن ۾ ٽرام وي، "هوٽل-ڊيو“ (Hôtel-Dieu) جي هڪ شاندار هوٽل ۾ تبديلي، "اسٽاڊ ويلو ڊروم" (Stade Vélodrome) جي توسيع، "سي ايم اي سي جي ايم ٽاور" (CMA CGM Tower) ۽ بندرگاهه جي ڪناري تي واقع ٻيا عجائب گھر جهڙوڪ "يورپي ۽ رومي سمنڊ جي علائقن جي تهذيبن جو عجائب گھر“ (MuCEM) شامل آهن. نتيجي طور، هاڻي پيرس کانپوءِ مارسئ ۾ فرانس جا سڀ کان وڌيڪ عجائب گھر موجود آهن. هن شهر کي سال 2013ع ۾ "يورپي ثقافتي گاديءَ جو هنڌ" ۽ سال 2017ع ۾ "يورپي راندين جي گاديءَ جو هنڌ" قرار ڏنو ويو. هي شهر "اولمپڪ ڊي مارسئ" (Olympique de Marseille) جو گهر آهي، جيڪو فرانس جي ڪامياب ترين ۽ وڏي پيماني تي پسند ڪيل فٽبال ڪلبن مان هڪ آهي؛ مارسيلي 1998ع جي فيفا ورلڊ ڪپ ۽ يوئيفا يورو 2016ع جي ميچن جي ميزباني پڻ ڪري چڪو آهي. هي علائقي ۾ اعليٰ تعليم جي ڪيترن ئي ادارن جو مرڪز آهي، جن ۾ "ايڪس-مارسيلي يونيورسٽي" (University of Aix-Marseille) شامل آهي. مارسئ جي رهاڪن کي مارسيلئس (Marseillais) سڏيو وڃي ٿو.
تاريخ
[سنواريو]| مارسيلئ | |
| Marseille | |
| جاءِ | 240.62 چورس ڪلوميٽر |
| ملڪ: | فرانس |
| صوبو: | بوخس ڊو رون |
| آبادي: | 8,39,043 (سال 2025ع) |
| ٻولي : | فرانسيسي ٻولي |
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Répertoire national des élus: les maires". data.gouv.fr, Plateforme ouverte des données publiques françaises (فرانسيسي ۾). 5 May 2026.
- 1 2 3 4 "Comparateur de territoires: Aire d'attraction des villes: Marseille - Aix-en-Provence (003); Unité urbaine: Marseille-Aix-en-Provence (00759); EPCI : d'Aix-Marseille-Provence (200054807)". insee.fr. INSEE. 25 June 2026. 2 July 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ . 29 ڊسمبر 2021ع https://www.insee.fr/fr/statistiques/6005800?geo=COM-13055.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ "MASSILIOTE Definition & Meaning - Merriam-Webster". www.merriam-webster.com (انگريزي ۾). 2026-07-17. 2026-07-17 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "pophist". - 1 2 Duchêne & Contrucci 1998, page needed A.
- ↑ Ebel, Charles (1976). Transalpine Gaul: the emergence of a Roman province. Brill Archive. ص. 5–16. ISBN 90-04-04384-5., Chapter 2, Massilia and Rome before 390 B.C.
- ↑ Notteboom, Theo (11 March 2009). "Les ports maritimes et leur arrière-pays intermodal". Concurrence entre les ports et les liaisons terrestres avec l'arrière-pays. Tables rondes FIT. ص. 27–81. doi:10.1787/9789282102299-3-fr. ISBN 9789282102268. 30 October 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Mandel, Maud S. (5 January 2014). Muslims and Jews in France. Princeton University Press. doi:10.1515/9781400848584. ISBN 978-1-4008-4858-4.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Marseille. |
Marseille سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Official website (in فرانسيسي)
- https://www.lafriche.org
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 فرانسيسي-language sources (fr)
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Articles containing Provençal-language text
- Pages using multiple image with auto scaled images
- Articles containing Latin-language text
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- Pages using infobox settlement with image map1 but no image map
- اڻڄاتل پيرا ميٽرن سان فرانسيسي ڪميون انفوباڪس استعمال ڪندڙ صفحا
- Harv and Sfn no-target errors
- Articles containing فرانسيسي-language text
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- Official website different in Wikidata and Wikipedia
- Articles with فرانسيسي-language sources (fr)
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- مارسئ
- فرانس جا شهر
- فرانس ۾ پريفيڪچر
- فرانس جا ڊپارٽمينٽ
- بوش-دو-رون جا ڪميون
- فرانس ۾ ساحلي آباد علائقا
- پروونس-الپس-ڪوٽ ڊي ازور
- وڊيو ڪلپس تي مشتمل مضمون
- پهرين هزار سالي قبل مسيح ۾ قائم ٿيل آباد علائقا
- فرانس ۾ راڄڌانيون
- فرانس جي ڊپارٽمينٽن جون راڄڌانيون
- فرانس جي علائقن جون راڄڌانيون
- يورپي ثقافتي گاديءَ جا هنڌ
- يورپي راندين جا گاديءَ جا هنڌ
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- نقشن وارا صفحا
