مادام ڪیوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پولينڊ (Poland) جي هڪ ننڍي شهر ۾ هڪ غريب ڇوڪري رهندي هئي, ان جو نالو ماریي سڪلوڊو وسڪا ڪيوري (Maria Salomea Skłodowska-Curie) هئو، هوءَ ٽیوشن ڏئي گذارو ڪندي هئي. 19 ورهين جي ڄمار ۾ هو هڪ امیر خاندان جي ڏهه ورهين جي ڇوڪري کي پڙهائيندي هئي، ڇوڪري جو وڏو ڀاءُ هن ۾ دلچسپی وٺڻ لڳو، ظاهر آهي ته پاڻ به ڇوڪر طرف مائل ٿي. تنهنڪري ٻنهي شادی ڪرڻ جو فیصلو ڪيو. جڏهن ڇوڪري جي ماءُ کي ڄاڻ پئي ته اچي آسمان مٿي تي کنيائين، مانیا کي ڪن مان پڪڙي پورچ ۾ اچي بيهاريائين. گوڙ ڪري نوڪر گڏ ڪري انهن جي سامهون بي عزت ڪيائين "ڏسو هي ڇوري جنهن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونهن 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وقت ڍو تي کائڻ لاءِ ماني اسان به وٽان ٿي مليس، جوتن جي تري ۾ سوراخ اٿس. هي منهنجي پٽ سان شادي جي خواهش ٿي رکي. گهر ڌياڻي ٿيڻ گهري ٿي ڇا هي منهنجي ننهن سڏائڻ لائق آهي." سڀ نوڪر هن تي کلڻ لڳا. مائي ته لفظن جو زهر هاري هلي وئي. مانیا کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن سندس مٿان تيزاب جو دٻو اونڌو ڪيو هجي. بي عزتي جي احساس وچان اتي پورچ ۾ بيٺي بيٺي هن فيصلو ڪيو ته زندگي ۾ ايتري ته عزت ۽ شهرت ڪمائيندس جو سڄو پولینڊ منهنجي نالي سان سڃاتو ويندو.

اهو سن 1891ع هو جڏهن هوءَ پولينڊ مان پيرس آئي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي فزڪس پڙهڻ شروع ڪيائين. ھن محنت ڪئي 20، 20 ڪلاڪ پڙهندي هئي. ڪجهه رقم جمع ٿيل مان پنهنجو گذر سفر ڪندي رهي. ڪفايت سان هڪ شلنگ روز خرچ ڪندي هئي، گيس بجلي نالي ڪا سهولت ڪمري ۾ ڪانه هئس، پيرس جي سخت سيءَ واري موسم ۾ ڪوئلا به نه هئس جو ٻاري جسم گرم ڪري. هيٺان بستري تي پنهنجا سڀ ڪپڙا وڇائي، جسم مٿان ڪتاب ڪرسيون رکي ڏڪندي گذارو ڪندي هئي. لاڳيتو 5 سال ڊبل روٽين جي سڪل ٽڪرن ۽ مکڻ کانسواءِ هن ڪجهه نه کاڌو. ڪمزوري جو هي عالم هو ته بستري تي ويٺي ويٺي بي ھوش ٿي ويندي هئي. جڏهن هوش ايندو هئس ته چوندي هئي ته اک لڳي وئي، پاڻ کي آٿت ڏئي همٿ ڏيندي هئي. هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ بي هوش ٿي وئي. ڊاڪٽر معائنو ڪري چيو ته هن کي دوا بدران هڪ گلاس کير جو ڏيو. نيٺ هن یونیورسٽی جي ئي هڪ سائنس دان سان شادی ڪئي، اهو سائنس دان به هن وانگر غريب هو، شادی جي وقت ٻنهي جو ڪل اثاثو ٻه سائیڪلون هيون. انهيءَ غربت دوران پی ایچ ڊی ڪري ورتائين. مانیا (ميڊيم ڪيوري) پی ایچ ڊی لاء دلچسپ موضوع چونڊيو، هن فيصلو ڪيو ته هو دنيا کي ٻڌائيندي ته یورینیم مان روشنی ڇو نڪرندي آهي، هي نه رڳو ڏکيو بلڪي اڻٿيڻو ڪم هو، پر هي تجربن ڪندي رهي. تجربن دوران هن هڪ اهڙو عنصر دریافت ڪيو جيڪو یورینیم جي ڀيٽ ۾ 20 لک ڀيرا وڌيڪ شعا پیدا ڪري پيو. اهي شعاع ڪاٺ، پٿر، ٽامي ۽ لوه مان پر دنيا جي هر شيء مان گذري پئي ويا. اها ڏاڍي اهم ايجاد هئي. مادام ڪيوري ان عنصر جو نالو ریڊیم رکيو. هي سائنس جي دنيا ۾ هڪ وڏو ڌماڪو هو. ماهر ريڊيم جو ثبوت گهرڻ لڳا. مانیا ۽ پائري هڪ پراڻو احاطو مسواڙ تي ورتو، جنهن جي نه ڇت مڪمل هئي نه فرش سڌو هو. هن ان ٽٽل ڦٽل آڳند ۾ هو چار سال لوهه وگهرائيندا رهيا. ٻنهي زال مڙسن اڪيلي سر 8 ٽن لوهه ڳاريو ۽ ان مان مٽر جي داڻي برابر ریڊیم حاصل ڪيو، چار سال هن جوڙي گرمي سردي سٺهي، پر هار نه مڃي، بٺي جي زهريلي دونهين ۾ مانيا جا ڦڦڙ خراب ٿي ويا، پر هو ڪم سان لڳل رهي. دنيا ڏٺو ته پولش ڇوڪري اڻٿيڻ جوڳو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. اهو ريڊيم، ڪينسر جي لکين مريضن لاء زندگي جو پيغام کڻي آيو. اڄ جنهن کي اسين شعائي علاج يا ريڊيو ٿراپي سڏيون ٿا، سو مادام ڪيوري جي ايجاد آهي. هي عورت دنيا جي واحد سائنس دان هئي، جنهن کي زندگي ۾ ٻه ڀيرا نوبل پرائز مليو، جنهن جي زندگی تي 30 فلمون ٺھيون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا. هن جي ايجاد سندس دنيا بدلائي ڇڏي، جڏهن کيس ڪروڙين ڊالرن جي انعام مليو، هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ايجاد جا حق ان اداري کي ڏينديس جو اسپتال ۾ داخل ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پوڙهي عورت جو علاج ڪندو. جي ها اها ساڳي پولش پوڙهي، جنهن هن کي ڪن مان وٺي گهران ڌڪاري ڪڍيو هو. [1] [2]


حوالا[سنواريو]

  1. Marie Curie - Wikipedia
  2. سنڌيڪار: شبير احمد قريشي