لھر لھر ريا (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

”لهر لهر ريا“ سنڌي زبان جي مقبول ۽ مشهور شاعر استاد بخاريءَ جي شعرن جو مجموعو ”لهر لهر دريا“ نالي سان ”سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو“ طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب ڊيمي سائيز جي 142 صحفن تي مشتمل آهي، ان ۾ استاد بخاريءَ صاحب جا چؤسٽا ۽ رباعيون آيل آهن. پهرين ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ چؤسٽا آهن. شروع ۾ جيڪي چؤسٽا آهن. انهن مان هر هڪ چؤسٽي تي جدا جدا عنوان آهي، ان کان پوءِ مختلف عنوانن تي سلسليوا چوسٽا آهن. ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نَو چؤسٽا ۽لال لطيف جي عنوان هيٺ ٻارنهن چؤسٽا آيل آهن. اهڙي طرح سلسليوار ٻيا چؤسٽا به آيل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ مختلف عنوانن هيٺ رباعيون آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتابي سلسلي جي بانيڪارن طرفان ”مقصود گل“ جو شاعر ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ان کان پوءِ مشهور شاعر ” سرڪش سنڌيءَ“ جو مزرا جي عنوان هيٺ مهاڳ ڏنل آهي. فن، فڪر ۽ مقصديت جي لحاظ کان استاد بخاريءَ جا هي چؤسٽا ۽ رباعيون سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون، هن مختصر ۽ جامع انداز ۾ پنهنجي امنگن ۽ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. هڪ درد دل رکندڙ انسان جي حيثيت سان هن وقت جي حالتن جي ترجماني ڪئي آهي؛ ۽ انسان سان جيڪي ڪيس ڪلور ٿين پيا، انهن کي حقيقت پسندا نه نوع ۾ بيان ڪيو آهي. هن کي وطن سان پيار آهي، ۽ پنهنجي ساڻيهه جا سور سمجهي ٿو، هن پنهنجن جذبن جو اظهار ڏاڍي ڏک ڀري لهجي ۾ ۽ اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي. استاد بخاريءَ جي هنن چؤسٽن جي هڪ خوبي اها به آهي، ته هن ماحول ۽سماج جي عڪاسيءَ سان گڏ انسان جي انفرادي جذبن، نفسياتي ڪيفيتن، محرومين، مايوسين، امنگن ۽اميدن جي ترجمائي به ڪئي آهي، فڪر جي بلنديءَ جي لحاظ کان به هي چؤسٽا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انفرادي حيثيت ۽ منفرد مقام رکن ٿا، انساني جذبن ۾ جمال جو جلوو به وڏي اهميت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو سونهن جي ساراهه، شاعريءَ جو مک ۽ بنيادي مضمون رهيو آهي. استاد بخاريءَ جو شعر به جمال جي جلوي کان وانجهيل نه آهي. ڪيترن چؤسٽن ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڏاڍي دلڪش ۽پر اثر نوع ۾ ملي ٿو. استاد بخاريءَ جي هن مجموعي جي وڏي اهميت اها آهي، جو هن ۾ ”هڪ شخص“ جي عنوان هيٺ نعتيه چؤسٽا ڏنا ويا آهن. استاد ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ عقيدت ۽ محبت مان ٻنهي جهانن جي سردار جي ثنا ۽ صفت بيان ڪئي آهي؛ ۽ پاڻ ڪريمن جي سيرت ۽ ڪردار جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون آهن. استاد جا هي چؤسٽا پڙهي، منهنجي دل ۾ استاد لاءِ عقيدت جو جذبو پيدا ٿيو آهي. هي پهريون جديد ۽ ترقي پسند، انسان دوست ۽ ساڻيهه سان سڪ رکندڙ شاعر آهي، جنهن جي مجموعي ۾ نعيته اشعار نظر آيا آهن. حقيقت اها آهي ته انسانيت جو صحيح تصور ۽ ان جو عملي نمونو نبي ڪريم صلي اللہ عليه وسلم جي ذات اقدس جي عنايت آهي. انهيءَ ڪري انسان دوست شاعر لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ سڳورنؑ جي انهيءَ ڪارنامي جو اعتراف ڪري ۽ بخاريءَ هي چؤسٽا لکي انهيءَ اهم ضرورت ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. استاد بخاريءَ جي هن مجموعي جو ن جيڪي خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن، انهن جي وضاحت ۾ ڪجهه چؤسٽا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. خدمت خلق ۽ پورهئي سان پيار جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس. محبت سان ڀرپور محنت ڪنداسين، ۽ محنت جي هر ريت عزّت ڪنداسين، ۽ عزّت اسان جي انهيءَ ۾ ئي آهي، ته پيارن پنهوارن جي خدمت ڪنداسين، سنڌ جي غريب ۽ مظلوم جي عزم ۽ طاقت جو بيان ڪندي چوي ٿو؛ ڏسڻ ۾ گوڏي جو ڄڻ گاهه آهن، حقيقت ۾ گجگاهه ڪنداهه آهن، متان تون سُڪو واهه سمجهين وڏيرا، وَهي پيا ته مظلوم درياهه آهن. دنيا جي حقيقت جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس. وڏو ڄار دنيا وڇائي ڇڏيو آ، بکئي پيٽ رهندو وڄائي ڇڏيو آ، پيئڻ لاءِ پاڻي، چڳڻ لاءِ چوڳو، قفس جي ڪُپن ۾ رکائي ڇڏيو آ، دنيا جي حقيقتن تي سوچيندي ۽ ويچاريندي، استاد کي اها حقيقت معلوم ٿي آهي، ته دنيا جي قوّت ڪنهن نه ڪنهن گهيري ۾ بند آهي؛ پوءِ اهي سمنڊ هجن، يا پهاڙ. هن کي محسوس ٿيو آهي ته هيءَ دنيا ڄڻ هڪ پڃري مثل آهي، هن ۾ انسان سوڌو هر شيءِ بند آهي. انهيءِ حقيقت جو اظهار ڏاڍي اثرائتي نموني هن طرح ڪيو اٿس: سمونڊن جي قبضي ۾ صحرا اَٿَو، اُڏامون ٿا ڪيڏو به آفاق آڏو، وڏو ڄڻ ته پڃرو هي دنيا اَٿَوَ. دنيا ۾ هرڪو غرض جو غلام آهي، هر رشتي ۽ تعلق تي غرض جا پردا پيل آهن، هت مطلب کان سواءِ ڪوبه ڪنهن جو يار، مدد گار ۽ سڄڻ ساٿي ڪونهي، هر ڳالهه ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ ئي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شاهه ڪريم بلڙي واري چيو آهي: جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا، ري پا جي کٽيءَ سڀر ٻري نه باهه استاد بخاريءَ اها حقيقت هن طرح بيان ڪئي آهي. مٽيون مائٽيون آزمائي ڏٺيون سين، سڳيون ڀائپيون آزمائي ڏٺيون سين، مصيبت ۾ ڪو يار همدرد ڪونهي پڪيون دوستيون آزمائي ڏٺيون سين. موجوده دور جي شاعر ۽ ليڊر جي قول ۽ فعل، دعوائن ۽ دعائن بابت لکيو اٿس: ڪلامن ۾ منصور شاعر اسان جا، بيانن ۾ مشهور ليڊر اسان جا، پڙهي دور ويو آهه اندر اسان جا، سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس: ڏينهن جو ڪم آ، رات جو غم آسنڌو تنهنجو، منهنجو هڪڙو هڪڙو دم آ، سنڌو تنهنجو، گيت لکان پيو، جنگ لڙان پيو ڏيهه ڏسي پيو، ڪن تي قلم آ، هٿ ۾ علم آ، سنڌو تنهنجو. معاشري ۾ جيڪي ڪيس ڪلور ٿين پيا، انهن تي هو ڏکارو ضرور آهي، پر مايوس نه آهي ۽ قنوطيت جي ڪن ۾ ڦاٿل نه آهي. هو پر اميد آهي، ته آخر ماتامن جي جهڙ مان خوشين جو سج اڀرندو ۽ عيدون اينديون چوي ٿو: مايوسين جي ڪُنَ مان نڪري، جنگ- جهاز اميديون اينديون، ماتامن جي جهڙ مان نڪري ، عزم عظيم جو عيدون اينديون. هو سنڌ جي مسئلن کان بي خبر نه آهي، هو جڏهن ٻڌي ٿو، ته هڪ مخصوص طبقو سنڌ کي ورهائڻ لاءِ حرڪتون پيو ڪري، تڏهن تڙپي اٿي ٿو. هو چوي ٿو، ته سنڌ ڪا آڌيري ٻڪري يا ڍور ڍڳو نه آهي، جو ان کي ورهائي کڻجي، هن ڌرتيءَ لاءِ ڌڙ اڌ ٿي ويندا، پر ديس اڌ نه ٿيندو. اخبارن ۾ جو تون روز نبيرين ٿو، سنڌو ڌرتي آڌيري ڪا ٻڪري ناهي، ڌڙ اڌ ٿيندا، ڀيٽو، ديس نه اڌ ٿيندو، ديس ونڊايون، هن ڪا هٽ جي وکري ناهي. هن ڪتاب ۾ ”شخص“ جي عنوان هيٺ جيڪي نعتيه چؤسٽا ملن ٿا، انهن ۾ استاد بخاري پاڻ سڳورن جي شخصيت ۽ ڪردار جي ثنا ۽ صفت نهايت مؤثر، منفرد ۽جديد انداز ۾ بيان ڪئي آهي. اُن سلسلي مان ڪجهه چؤسٽا نمنوني طور هيٺ ڏجن ٿا: هڪ شخص يتيم آهي، يتيم آهي اهڙو دنيا جي يتيمن جو نگهمان لڳي ٿو، هڪ شخص عظيم آهي، عظيم آهي اهڙو، منان کان پوءِ، سڀ کان مها مان لُڳي ٿو. هڪ اسم اکر چارڪو ٽبڪو به ته ناهي، پر چئن ڪتابن جو آ عرفان انهيءَ ۾، ادراڪ ۽ وجدان آ حيران انهيءِ ۾، هڪ جسم چون جنهن جو ڪو پاڇو به ته ناهي، سنسار جي سينگار لئه آزار سهي پيو، هڪ شخص ڪڏهن نرڙ مٿان گهنڊ نه آندو، انصاف جي آواز تي تلوار کڻي پيو. هر ريت ڪڻي نعت، ستارا نعتون برسات، ننديون، نهر جا ڌارا نعتون استاد جا اشعار ته ڇا او شاعر! قرآن جا ٽيهه ئي پارا نعتون لال لطيف جي عنوان هيٺ آيل چؤسٽن ۾ شاهه جي شاعري جي تعريف ڪئي ويئي آهي. هڪ چؤسٽو نموني طور ڏجي ٿو: شاعريءَ جي آسمان جا آفتاب، تنهنجا روشن شعر ذهني انقلاب، ذات توڙي ڏات، توڙي لات ۾، شاه شاهنشاهه آهين لاجواب چؤسٽن جي هڪ سلسلي ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن طرفان سال (1989ع) ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيل ”سچل ڪانگريس“ جي امن قافلي بابت پنهنجا تاثرات بيان ڪيا اٿس. چؤسٽن جي هڪ بنا عنوان سلسلي ۾ حسن ۽ جمال جو ذڪر ڏاڍي سهڻي نموني ۾ ڪيو اٿس. هن چؤسٽي ۾ ”سروقد“ جي بدارن هاٺيءَ لاءِ ڪانگڙو ڪانو جي تشبيهه آندي اٿس، ان کان سواءِ ٻيون تشبيهون به سنڌ جي شين مان کنيو اٿس، جهڙوڪ: سيني (ارهه) لاءِ سنگ- ٻٽا، محبوب جي پيارين ۽ وڻندڙ ڳالهين کي، ڪچڙن آڀن ڳلن کي مکڻ چاڻن سان تشبيهه ڏني اٿس. تنهنجي هاٺي ڪانگڙ ڪانو، تنهنجو سينو، سنگ- ٻٽآ. تنهنجون ڳالهيون ڪچڙا آڀون، مکڻ چاڻا، گول ڳٽا. سونهن نئين ساماڻي آهي. جيڏا ڪيڏا جهار وڌي وئي، اک هُن جي کانڀاڻي آهي. مطلب ته هر چؤسٽي ۾ پنهنجي معنيٰ ۽ مقصد آهي ۽ مقصد ۽ تاثر کي چئن سٽن ۾ نهايت مختصر مگر جامع نموني، پرڪشش ۽پر اثر انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، اسلوب بيان ۾ جدّت ۽ انفراديت آهي، جيتوڻيڪ مقصديت واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر فن جو لحاذ به رکيو ويو آهي. مقصد فن تي غالب نه آهي، پر شعر جو حسن ۽ خوبصورتي به برقرار رکي وئي آهي. مطلب ته هن ڪتاب جي چؤسٽن ۾ فن ۽ فڪر جو حسين امتزاج ملي ٿو. آءُ ته ائين چوندس ته هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي هڪ وڏي وٿ آهي، ۽ صدين تائين سانڍڻ لائق آهي. هي ڪتاب ڏسي مڃڻو پوي ٿو، استاد بخاريبلاشبهه باڪمال شاعر آهي، جنهن شاعريءَ جي هر صنف ۾ پاڻ موکيو آهي. سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو جي ڪارپردازن به کيرون لهڻيون، جن نهايت سهڻي ۽ شانائتي نموني ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. تبصرا---ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ