لڳل سفارتڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنهن بہ هڪ ملڪ يا رياست طرفان ٻيءَ رياست يا ملڪ لاءِ اعلان ڪيل/مقرر ڪيل اهو سفارتي سربراھ يا سفير، جنهن کي لازمي سرڪاري گهرجون پوريون ڪري، پنهنجي حڪومت طرفان ذميواري سونپي ويندي آهي، پر ان سفارتڪار اڃا تائين مقرريءَ واري جڳھ تي پهچي پنهنجون ذميواريون نہ سنڀاليون هونديون آهن، ان شخص کي ملڪ اندر توڙي پرڏيھ ۾ هڪ سفارتڪار وارو درجو مليل هوندو آهي پر روايتي طرح چارج نہ سنڀالڻ ڪري کيس پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نہ هوندي آهي. ڪڏهن ڪن موقعن تي سرڪاري روايتن/گُهرجن سبب يا تبديل ٿيندڙ سفارتڪار جي مصروفيتن سبب نئون مقرر ڪيل سفير پنهنجي ذميوارين جي سرڪاري طرح چارج ڪُجھ دير سان وٺندو آهي ان کي لڳل سفارتڪار يا نامزد سفارتڪار (Ambassador Designate) چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]