لڪتنسٽائن
پرنسپلٽي آف لڪتنسٽائن Principality of Liechtenstein Fürstentum Liechtenstein (جرمن) | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"خدا، شھزادئ ۽ وطن لاء" | |||||
ترانو: (سنڌي:"ننڍي رائن ندي جي مٿيان") | |||||
| گادي جو هنڌ | فادوتز | ||||
| سڀ کان وڏو شھر | شان (Schaan) 47°10′00″N 9°30′35″E / 47.16667°N 9.50972°E | ||||
| دفتري ٻوليون | جرمن | ||||
| مذهب (2015ع[1]) | فهرست
| ||||
| مقامي آبادي | لڪتنسٽائني | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني، نيم آئيني بادشاھت | ||||
• شاھي سربراهه |
ھانس ايڊم ٻيون | ||||
• انتظامي شاهي حاڪم |
شهزادو ايلوس | ||||
• وزيراعظم |
ايڊريئن ھئسلر | ||||
| مقننه | لنڊسٽاگ | ||||
| پرنسپلٽي جي حيثيت ۾ خودمختياري | |||||
• فادوتس جي ڪائونٽي شيلنبرگ جو الحاق |
23 جنوري، 1719ع | ||||
• پريسبرگ معاھدو |
12 جولائي، 1806ع | ||||
• جرمن ڪنفيڊريشن کان علحدگي |
24 آگسٽ، 1866ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
160 km2 (62 sq mi) (191هون) | ||||
• پاڻي (%) |
2.7[2] | ||||
| آبادي | |||||
• 2020ع اندازو |
38,749[3] (217هون) | ||||
• گھاٽائي |
237 /km2 (613.8 /sq mi) (57هون) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2013ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
5.3 ارب آمريڪي ڊالر[4] (149هون) | ||||
• في سيڪڙو |
98,432 آمريڪي ڊالر[3][5][6] (ٽيون) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2010ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
5.15 ارب آمريڪي ڊالر[5][6] (147هون) | ||||
لڪتنسٽائن (Liechtenstein)، سرڪاري نالو "پرنسپلٽي آف لڪتنسٽائن"، وچ يورپ جي ڏکڻ اولھه ۾ الپس جبل لڳ جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ ماڻھن جي ھڪ ننڍڙي رياست آھي،[8] جيڪا ھڪ نيم آئيني بادشاهت واري رياست آھي، جنھن جي رياستي سربراھه کي پرنس سڏيندا آھن، جيڪو نيم صدارتي نظام جي صدر وانگر بااختيار رياستي سربراھه ھوندو آھي. ھن ملڪ جون سرحدون اولھه ۽ ڏکڻ ۾ سوئيٽزرلينڊ سان، اوڀر ۽ اتر ۾ آسٽريا سان ملن ٿيون. اھو پکيڙ ۾ يورپ جو چوٿون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 160 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ سال 2019 جي اندازي مطابق ان جي آبادي 38,749 ھئي.[9] ملڪ انتظامي طور تي 11 ميونسپلٽين ۾ ورھايل آھي. هن جي گادي جو هنڌ فادوتس (Vaduz) شھر آھي. ھي ملڪ في ڪس جي ڊي پي جي لحاظ کان دنيا جي امير ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.[10] الپس جبلن جي سلسلي ۾ ھجڻ جي ڪري سياري جي راندين جو مرڪز ھوندو آھي. اھا گڏيل قومن جي اداري، ڪائونسل آف يورپ ۽ يورپي آزاد تجارتي ايسوسيئيشن جو رڪن آهي. لڪتنسٽائن شينجن ايريا ۽ يورپي اڪنامي علائقي ۾ ھجڻ جي باوجود اڃان تائين يورپين يونين جو ميمبر ناھي.
تاريخ
[سنواريو]


تيرھين صديءَ ۾ جڏهن 1264ع ۾ ڪائبرگ شاھي خاندان جو لڪٽنسٽائين واري علائقي تان ڪنٽرول ختم ٿيو ته روڊولف پھرين ( جيڪو 1273ع ۾ پاڪ رومي ايمپائر جو شھنشاھ بڻيو) لڪٽنسٽائين کي پنھنجي ھبسبرگ واري علائقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو[11][12] اھڙي طرح لڪٽنسٽائين وارو علائقو پاڪ رومي ايمپائر جو حصو ٿي ويو ۽ رومي شھنشاھ پاران ھوھينمس جي ڪائونٽن (نوابن) کي جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ اھو جاگيري معاھدو 1699ع ۾ لڪٽنسٽائين شاھي خاندان کي وڪڻڻ تائين قائم رھيو. ان سودي سان ھن ملڪ تي لڪٽنسٽائين خاندان جو نالو پئجي ويو جيڪو اصل ۾ آسٽريا جي ھيٺين پاسي لڪٽنسٽائين قلعي سان تعلق رکندڙ ھيو جتي کين جاگير ھئي. 23 جنوري 1719 تي[13] ھن علائقي جي زمين جي خريداري بعد رومي ايمپائر جي شھنشاھ چارلس ڇھين جي حڪم سان فدوتز ۽ شيلنبرگ جي علائقن کي ملائي نئين پرنسپلٽي وجود ۾ آئي جنھن تي لڪٽنسٽائين نالو رکيو ويو. اھو نالو لڪٽنسٽائين خاندان جي شھزادي انٽون فلوريئن طرفان شھنشاھ جي سچائي سان خدمت جي سلي طور رکيو ويو. ان تاريخ کان لڪٽنسٽائين پاڪ رومي ايمپائر جي ھڪ خودمختيار ميمبر رياست جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو. حيرت واري ڳالھ اھا آھي تہ ان پرنسپلٽي جا شھزادا آسٽريا ۾ پنھنجي جاگير واري قلعي ۾ رھيا ۽ سؤ سال کان مٿي گذرڻ بعد اتي آيا. انھن ٻاھران ان تي حڪومت پئي ڪئي. اوڻويھين صديءَ ۾ فرانس جي نيپولين بوناپارٽ جنگ ڪري پاڪ رومي ايمپائر جو خاتمو آندو ۽ پوء نيپولين ان جي جاء تي 25 جولائي 1806ع ۾ رائن واري ڪنفيڊريشن قائم ڪرائي لڪٽنسٽائين جو پرنس پڻ ان ڪنفيڊريشن جو ميمبر ٿيو. 19 آڪٽوبر 1813ع تي اھا ڪنفيڊريشن ٽٽي وئي جنھن بعد 20 جون 1815ع تي لڪٽنسٽائين جرمن ڪنفيڊريشن ۾ شامل ٿي ويو جنھن جو صدر آسٽريا جو شھنشاھ ھيو. 1818ع ۾ لڪٽنسٽائين جي پرنس جوھان پھريون جوزف ھن پرنسپلٽي ۾ ھڪ محدود قسم جو آئين نافذ ڪيو. ساڳي سال پھريون ڀيرو لڪٽنسٽائين خاندان جي پرنس الوئي ٻيون ھن سرزمين تي پھريون قدم رکيو ۽ پھرين جنگ عظيم جي خاتمي تائين ھن پرنسپلٽي پھرين آسٽريائي ايمپائر سان ۽ پوءِ آسٽرو ھنگري ايمپائر سان ويجھن تعلقاتن ۾ رھي. پوئين ايمپائر جي خاتمي سان آسٽريا جي ريپبلڪ قائم ٿي جنھن بعد ھيء پرنسپلٽي ان کان علحده رھي. 1929ع ۾ پرنس فرانز پھريون 75 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو.

ھن جي شادي ويانا جي ھڪ مالدار يھودي خاندان جي عورت ايلزبيٿ سان ٿي ھئي. ھن جي دور ۾ نازي پارٽي جي ملڪ ۾ ڪا شاخ نہ ھجڻ باوجود ان پارٽيءَ سان ھمدردي واري تحريڪ ھن ملڪ جي نئشنل يونين پارٽي ۾ شروع ٿي چڪي ھئي ۽ اتي ايلزبيٿ جي مخالفت شروع ٿي وئي[14]. مارچ 1938ع ۾ آسٽريا جرمني جو حصو ٿيڻ بعد جولاء جي مھيني ۾ پرنس فرانز آسٽريا ۾ وفات ڪري ويو ۽ ان جي جاء تي پرنس فرانز ٻيون جوزف گاديءَ تي ويٺو جيڪو آسٽريا جي جرمني ۾ شامل ٿيڻ بعد لڪٽنسٽائين لڏي آيو. ٻين جنگ عظيم ۾ ھي ملڪ سرڪاري طور تي غيرجانبدار رھيو ۽ ھن پنھنجي خاندان جي خزانن کي محفوظ ڪرڻ لاء لڪٽنسٽائين منتقل ڪيو.
معيشت
[سنواريو]1836ع ۾ ھن ملڪ ۾ پھرين فيڪٽري لڳي. 1861ع ۾ ھتي پھرين بئنڪ سيونگز اينڊ لون بئنڪ جي نالي سان قائم ٿي ۽ ساڳي سال ھتي پھرين ڪپھ مان ڌاڳو ٺاھڻ واري مل قائم ٿي. 1866ع ۾ جرمن ڪنفيڊريشن جو خاتمو عمل ۾ آيو. 1868ع ۾ مالي گھوٽالي ڪري فوج جي اداري کي ختم ڪيو ويو. 1872ع ۾ سوئٽزرلينڊ ۽ آسٽرو ھنگري ايمپائر وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي جيڪا ھن ملڪ مان گذاري وئي. 1866 ۾ درياه رائن تي ٻہ پلون سوئٽزرلينڊ ڏي وڃڻ لاء ٺاھيون ويون. 1970 واري ڏھاڪي ۾ ھن ملڪ ڪارپوريٽ ٽيڪس ۾ تمام گھڻي ڪمي آندي جنھن ڪري سرمائيدارن ھن ملڪ جو رخ ڪيو ۽ ھي ملڪ دنيا جي امير ملڪن ۾ شامل ٿي ويو.
سياسي ۽ انتظامي نظام
[سنواريو]


ھن ملڪ جو رياستي سربراھ شاھي خاندان منجھان ھوندو آھي ۽ ھتي ھڪ چونڊيل پارليامينٽ ڪم ڪندي آهي جيڪا ملڪ ۾ قانون نافذ ڪري ٿي. مارچ 2003ع ۾ ھتي 1921ع جي آئين کي منسوخ ڪري موجوده نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ پرنس کي وڏا اختيار مليل آهن. ھي ڪنھن بہ پارليامينٽ جي قانون کي ويٽو ڪري سگھي ٿو ۽ قانون لاء ملڪ ۾ رفرينڊم ڪرائي سگھي ٿو. پارليامينٽ کي ٽوڙي سگھي ٿو پر ان لاء کيس لازمي طور تي ريفرنڊم ڪرائڻو پوندو جنھن ذريعي توثيق سان پارليامينٽ ٽٽي ويندي referendum.[15]. ملڪ جي ايگزيڪيوٽو اختياري حڪومت جي سربراه وزيراعظم ۽ ان جي چئن ڪائونسلرن وٽ ھوندي آھي. حڪومت جا ڪائونسلر دراصل وزير ھوندا آھن. وزيراعظم ۽ ڪائونسلرن جي مقرري پرنس پارليامينٽ جي مرضي مطابق ڪندو آهي. آئين مطابق ملڪ جي ھر خطي مان ٻہ پارليامينٽ جا ميمبر چونڊيا ويندا[16] پارليامينٽ وزيراعظم يا ڪنھن ڪائونسلر کي ھٽائڻ لاء پرنس کي چئي سگھي ٿي. پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي. جنھن کي لئنڊٽيگ سڏين ٿا جنھن جا 25 ميمبر ھوندا آھن جن جي چونڊ چئن سالن لاءِ ٿيندي آهي[17] ھن ملڪ ۾ عورتن کي ووٽ جو حق پھرين جولاءِ 1984ع ۾ مليو. سن لاء رفرينڊم ڪرايو ويو ھو جنھن ۾ 51.30 سيڪڙو مردن عورتن جي ان حق جي حمايت ڪئي هئي[18].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Central Intelligence Agency", The World Factbook, Central Intelligence Agency, 7 February 2020, حاصل ڪيل 24 February 2020۔
- ↑ Raum, Umwelt und Energie آرڪائيو ڪيا ويا 12 October 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Landesverwaltung Liechtenstein. Retrieved 2 October 2011.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 "Amt für Statistik, Landesverwaltung Liechtenstein", Llv.li, حاصل ڪيل 30 June 2019۔
- ↑ "Liechtenstein in Figures: 2016", Llv.li, حاصل ڪيل 3 August 2017۔
- ↑ 5.0 5.1 5.2 Key Figures for Liechtenstein آرڪائيو ڪيا ويا 17 September 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Landesverwaltung Liechtenstein. Retrieved 1 July 2012.
- ↑ 6.0 6.1 6.2 World Development Indicators, World Bank. Retrieved 1 July 2012. Note: "PPP conversion factor, GDP (LCU per international $)" and "Official exchange rate (LCU per US$, period average)" for Switzerland were used.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF) (ٻولي ۾ انگريزي), United Nations Development Programme, 10 December 2019, حاصل ڪيل 10 December 2019۔
- ↑ "IGU regional conference on environment and quality of life in central Europe". GeoJournal 28 (4). 1992. doi:.
- ↑ Bevölkerungsstatistik. Amt für Statistik. Liechtenstein. 30 June 2019
- ↑ CIA – The World Factbook – Country Comparison :: GDP – per capita (PPP) آرڪائيو ڪيا ويا 2013-04-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Cia.gov. Retrieved 24 December 2011.
- ↑ Switzerland history Nationsencyclopedia.com. Retrieved 27 November 2009
- ↑ History of Switzerland Nationsonline.org. Retrieved 27 November 2009
- ↑ "History, creation of Liechtenstein", liechtenstein.li, Liechtenstein Marketing, حاصل ڪيل 1 April 2017۔
- ↑ "Liechtenstein: Nazi Pressure?". Time (New York). 11 April 1938. Archived from the original on 21 July 2013. https://web.archive.org/web/20130721035152/http://www.time.com/time/magazine/article/0,9171,759431,00.html. Retrieved 26 May 2010.
- ↑ "Country profile: Liechtenstein – Leaders". BBC News. 6 December 2006. Retrieved 29 December 2006.
- ↑ "Principality of Liechtenstein – Government", اصل کان 7 August 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 January 2010۔. Retrieved 11 January 2010.
- ↑ "Principality of Liechtenstein website – Parliamentary elections", اصل کان 7 August 2004 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 11 January 2010۔. Retrieved 11 January 2010.
- ↑ "Liechtenstein Women Win Right to Vote". The New York Times. 2 July 1984. Retrieved 8 July 2011.