لڇمڻ سنگهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لڇمڻ سنگهه (Lachhmann Singh) ٿر جي هڪ شهر ڇاڇري (Chhachhiro) جي هڪ وڏي ۽ مشهور شخصيت هئو. 1977ع جي هڪ رات اُٺن تي چڙهي پنهنجي پريوار يا آڪهه (خاندان) سان ٿر سان لڳندڙ ڀارت جي سرحد پار ڪري راجسٿان (Rajasthan) جي رياست ڏانهن هليو ويو. صبح جو مقامي ماڻهن ڏٺو ته سندس گهر جا ڏيئا ٻرن پيا پر لڇمڻ سنگهه ۽ ان جي آڪهه موجود ڪونهي. ان کان پوءِ سندس ڀارت وڃڻ جي خبر ٿر سميت سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي هئي. لڇمڻ سنگهه پنهنجو اباڻو وطن ۽ گهر ڇو ڇڏيو ان جا اڄ ڏينهن تائين ڪي به وچور يا تفصيل آڏو نه اچي سگهيا آهن.

فيلڊ مارشل ايوب خان جي دور ۾ لڇمڻ سنگهه قانون ساز اسيمبليءَ جو رُڪن رهي چڪو هو. سندس پِتا (والد) لال جِي (Lal Ji) پڻ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو رُڪن چونڊيو ويو هو ۽ 1936ع ۾ سندس ڏاڏو کجي سوڍو (Kkhaji Soddo) پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو هو.

لڇمڻ سنگهه کي ڀارتي شهريت ملڻ کانپوءِ اتان جي پئنچائت جو مُکي (سرواڻ) پڻ چونڊيو ويو هو.

پاڪستان جي پرڌان منتري يا وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي راڻي چندر سگهه، مير علي بخش ٽالپور کي انڊيا موڪليو هو ته جيئن اهي سنڌ مان لڏي ويل لڇمڻ سنگهه کي ڀارت مان واپس سنڌ اچڻ تي راضي ڪري سگهن، پر لڇمڻ سميت ساڻس گڏ لڏي ويلن واپس سنڌ موٽي اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

لڇمڻ سنگهه 82 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت ۾ ديهانت ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. لڇمڻ سنگهه | Indus Asia Online Blog, وقت 2020-10-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-08-13