ليلا اخيليه
ليلا اخيليّه | |
|---|---|
| ڄمڻ | ستين صدي عيسويءَ جي وچ کان اڳ مرڪزي عربستان |
| وفات | لڳ ڀڳ 694–709ع سماوه جي ويجهو |
| پيشو | شاعرہ |
| ٻولي | عربي |
| قوميت | عربستاني |
| نمايان ڪم | توبه بن حمير لاءِ مرثيا، خليفن عثمان ۽ عبد الملڪ بن مروان لاءِ مدحيا قصيدا |
| زال | سوار بن عوفى قشيري |
| اولاد | ڪيترائي (نالا معلوم ناهن) |
ليلا بنت عبدالله بن شداد بن ڪعب اخيليّه (ليلى بنت عبدالله بن شداد بن كعب الأخيليّة) (وفات لڳ ڀڳ 75هه/694ع – 90هه/709ع)،[1] يا مختصر طور ليلا المخيليّه، اموي دور جي هڪ مشهور عرب شاعرہ هئي، جيڪا پنهنجي شاعري، فصاحت، مضبوط شخصيت ۽ حسن سبب مشهور هئي۔ سندس لڳ ڀڳ پنجاهه ننڍا نظم محفوظ آهن۔ انهن ۾ سندس محبوب توبه بن حمير لاءِ مرثيا، نابغة جعدي سان طنزيه شعري مقابلا، ۽ خليفن عثمان بن عفان ۽ عبد الملڪ بن مروان جي مدح شامل آهن۔[2] [3][4]
زندگي
[سنواريو]هوءَ بنو عقيل شاخ مان هئي، جيڪا بنو عامر قبيلي جو حصو هئي۔ اهو ساڳيو قبيلو آهي جنهن سان قيس بن الملوح ۽ ليلا عامريه جو تعلق هو، جيڪي مشهور داستان ليلا ۽ مجنون جي الهام جو سبب بڻيا۔ پر انهن جي برعڪس، ليلا هڪ شهري عورت هئي، نه ته بدوي۔[حوالو گهربل]
پنهنجي نوجوانيءَ ۾ هوءَ توبه بن حمير سان محبت لاءِ مشهور ٿي وئي، پر سندس پيءُ هن شادي کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هن کي هڪ شخص ابي الاثلا سان شادي ڪرائي ڇڏي۔ شادي کان پوءِ به توبه هن سان ملڻ ايندو رهيو، جنهن تي سندس مڙس خليفي وٽ شڪايت ڪئي، ۽ خليفي توبه کي هن کان پري ٿيڻ جو حڪم ڏنو۔ سندس مڙس حسد برداشت نه ڪري سگهيو ۽ آخرڪار هن کي طلاق ڏئي ڇڏي۔ بعد ۾ هن هڪ ٻئي شاعر سان شادي ڪئي ۽ کيس ڪيترائي ٻار ٿيا، پر انهن بابت گهڻي معلومات موجود ناهي۔
شاعري ۽ اثر
[سنواريو]سندس مضبوط شخصيت ۽ شهرت سبب کيس اموي خلافت جي درٻارن تائين رسائي حاصل ٿي وئي۔
هوءَ انهن ٿورين قديم عرب شاعرائن مان هڪ هئي جن عوامي طور پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو۔ هن قسم جي شاعري خاص طور توبه بن حمير سان منسوب آهي: ليلا ۽ توبه هڪ ٻئي سان محبت ۾ پئجي ويا، پر جڏهن توبه شاديءَ جي درخواست ڪئي ته ليلى جي پيءُ انڪار ڪيو ۽ هن کي ڪنهن ٻئي سان شادي ڪرائي ڇڏي۔ پوءِ جڏهن توبه قتل ٿي ويو ته ان واقعي ليلا کي مرثيا لکڻ لاءِ متاثر ڪيو۔ [5] هن ڳالهه کي وڌيڪ جرئت وارو بڻائيندڙ حقيقت اها هئي ته هوءَ انهي وقت ڪنهن ٻئي مرد (سوار بن عوفى قشيري) سان شادي شده هئي۔ [5] بهرحال، محبت جي شاعري سندس واحد صنف نه هئي؛ سندس شاعري مختلف موضوعن تي مشتمل هئي، جيتوڻيڪ هن سياست کان گهڻو پاسو ڪيو۔ انهيءَ سبب هوءَ بدلجندڙ سياسي دورن جي باوجود اثرائتن ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي۔ سندس شاعري ۾ نابغه جعدي سان طنزيه مقابلا (تقريباً 40هه/660ع کان 63هه/683ع تائين) پڻ شامل آهن، [5] ۽ حميدہ بنت نعمان بن بشير سان به شعري تبادلا ملن ٿا۔[6] سندس شاعريءَ جو تقابلو اڪثر خنساء سان ڪيو ويندو آهي۔[3] پر ليلا جي شاعريءَ ۾ تصويرنگاري وڌيڪ متنوع آهي، جيڪا صرف ريگستان تائين محدود ناهي، ۽ هن ڪيترن شعري اصناف ۾ لکيو۔ سندس شاعري ۾ فلسفيانه پهلو ۽ دانائي به ملي ٿي، جيڪا شايد سندس گهڻي سفر جي ڪري پيدا ٿي۔ ٻئي طرف، ليلى پنهنجي شاعريءَ مان آمدني به حاصل ڪندي هئي، ڇوته ڪجهه نظم تي کيس انعام ملندو هو، ۽ شاعريءَ جي ذريعي هن امير ۽ اثرائتن ماڻهن سان لاڳاپا پيدا ڪيا؛ جڏهنتہ خنساء پنهنجي خاندان جي روايتي ڌناري زندگي تي ڀاڙيندي هئي۔ هوءَ 704ع ۾ عراق ۾ سماوه جي ويجهو سفر دوران وفات ڪري وئي۔
سندس شاعري جو مثال
[سنواريو]أحــجاج لا يفـلل سلاحك إنما
المنـايا بكـف الله حيث تراها
إذا هبـط الحجاج أرضاً مريضة تتبـع أقصـى دائـها فشفـاها
شفاها من الداء العضال الذي بها غـلام إذا هـز القنـا سقـاها
سقاها دمــاء المارقين وعلـها إذا جمحت يوماً وخفيـف أذاها
إذا سمـع الحجـاج صوت كتيبة أعـد لها قبـل النـزول قراها
سنڌي ترجمو:
اي حجاج! تنهنجو هٿيار ڪڏهن به ڪمزور نه ٿئي، ڇوته موت ته الله جي هٿ ۾ آهي جتي به تون ان کي ڏسين ٿو۔
جڏهن حجاج ڪنهن بيمار زمين تي لهندو آهي، ته هو ان جي بيماريءَ جي آخري سبب تائين پهچي ان کي شفا ڏئي ڇڏيندو آهي۔
هو ان زمين کي سخت بيماريءَ مان بچائيندو آهي، اهڙو نوجوان جيڪو جڏهن پنهنجو ڀالو لوڏي ٿو ته ان کي سيراب ڪري ڇڏي ٿو۔
هو باغين جي رت سان ان کي سيراب ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ جڏهن اها سرڪش ٿئي ته به ان جي تڪليف گهٽ ڪري ڇڏي ٿو۔
۽ جڏهن حجاج ڪنهن فوجي دستي جو آواز ٻڌي ٿو، ته لهڻ کان اڳ ئي انهن لاءِ پنهنجو بندوبست تيار ڪري ڇڏيندو آهي۔
حوالا
[سنواريو]- ↑ For a full discussion of her date of death, Aram A. Shahin, 'Reflections of the Lives and Deaths of Two Umayyad Poets: Laylā al-Akhyaliyya and Tawba b. al-Ḥumayyir', in The Heritage of Arabo-Islamic Learning: Studies Presented to Wadad Kadi, ed. by Maurice A. Pomerantz, Aram A. Shahin (Leiden: Brill, 2016), pp. 398-443.
- ↑ Lang, Kate (2002). Commire, Anne. ed. Women in World History: A Biographical Encyclopedia. Waterford, Connecticut: Yorkin Publications. ISBN 0-7876-4074-3.
- 1 2 Tahera Qutbuddin, 'Women Poets', in Medieval Islamic Civilisation: An Encyclopedia, ed. by Josef W. Meri, 2 vols (New York: Routledge, 2006), II, p. 867.
- ↑ Josef W. Meri, ed (31 October 2005). Medieval Islamic Civilization: An Encyclopedia. Routledge. p. 866. ISBN 978-1-135-45603-0.
- 1 2 3 Aram A. Shahin, 'Reflections of the Lives and Deaths of Two Umayyad Poets: Laylā al-Akhyaliyya and Tawba b. al-Ḥumayyir', in The Heritage of Arabo-Islamic Learning: Studies Presented to Wadad Kadi, ed. by Maurice A. Pomerantz and Aram A. Shahin (Leiden: Brill, 2016), pp. 398–443.
- ↑ A. Schippers, 'The Role of Woman in Medieval Andalusian Arabic Story-Telling', 1993.
وڌيڪ مطالعو
[سنواريو]- Al-Isfahani, Abu al-Faraj. Kitab al-aghani (Book of Songs).
- The Cambridge History of Arabic Literature: Arabic Literature to the End of the Umayyad Period. Cambridge University Press, 1983.
- سانچو:EI2
- Ibn Qutayba. al-Shi'r wa-'l-shu'ara (Poetry and Poets). Beirut: Dar al-Thaqafa, 1964.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون از February 2008
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- پيدائش جو سال نامعلوم
- اٺين صدي عيسويءَ جون وفاتون
- عربي ٻوليءَ جون شاعرائون
- عربي ٻوليءَ جا شاعر
- بنو عقيل
- اسلام قبول ڪندڙ ماڻهو
- ستين صدي عيسويءَ جون عورت ليکڪائون
- ستين صدي عيسويءَ جا عربي ٻوليءَ جا شاعر
- اموي خلافت جون عورت شاعرائون
- وچئين دور جي اسلامي دنيا جون عورت شاعرائون
- اموي خلافت جا شاعر
- ستين صدي عيسويءَ جا عرب ماڻهو
- اموي خلافت جا ستين صدي عيسويءَ جا ماڻهو