هم جنس پرستي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ليزبئن ازم کان چوريل)

هم جنس پرستي __(Lesbianism):

هيءَ هڪ نفسياتي اصطلاح آهي. لفظ“ليزبئن” يوناني ٻولي جو لفظ آهي. ليسبزيا نالي هڪ ٻيٽ تي يوناني شاعره سيفو پنهنجي سرتين سان پيار محبت سان رهي، ان حوالي سان اهو لفظ رائج ٿيو. اصطلاحي معنيٰ ۾ هي لفظ يعني عورتن ۾ ھم جنس پرستيءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. زرينہ بلوچ پنھنجي افساني ”جيجي“ ۾ ھڪ اھڙو موضوع کنيو، جنھن تي اڃا مردن بہ نہ لکيو ھو، خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين. يا نورالهديٰ شاهه جو افسانو ”ناگاساڪي“ Lesbianism جي حوالي سان اهم آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي