لونگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لونگي: هونءَ ته ٻئي قسم جون لونگيون ٻاهر به ٺهنديون آهن، پر سنڌ جون لونگيون به عجيب ٿينديون آهن. ڪن جو ته تاڃي پيٽو پٽ هوندو آهي، ڪن ۾ وري زريءَ جا ڌاڳا به هوندا آهن. ڪوري رنگا رنگي ٻٽ جا سنهي اوڄي تي اهي هٿ رکي ويندا آهن، جو پري کان ڄڻ مينا ڪاريءَ جو ڪم پيو معلوم ٿيندو آهي. سنڌي لونگي بنان ڪُُلي جي ٻڌندا آهن. رسم و رواج ۾ سنڌ ۾ گهوٽ کي مڱڻي ۽ شاديءَ ۾ ڪلهن تي وجهندا آهن. يا موڙن مهل ٻڌائيندا آهن، ڪي سرند ته آهنز کي به لونگي ڏيندا آهن. ان کانءِ سواءِ جي ڪنهن ماڻهوءَ انصاف جهڙو ڪم ڪيو ته انکي به ڳوٺ جو وڏيرو يا زميندار لونگي انعام ۾ ڏيندو آهي. ڪنهن ٻهراڙيءَ واري کي لونگي ٻڌل هوندي ته چوندا ته ڪو رئيس ماڻهو آهي، يا زميندار آهي. مرڻي ۾ لونگي يا اجرڪ ڇاڙه ڪري به ڏيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}