لنپ
لَنپ (انگريزي: Lunp) هي گاھ مٺي نَهَور زمين ۽ خاص ڪري سنون پوٺن تي جام ۽ گهاٽو ٿيندو آهي. هن کي لنب بہ چون. ڊيگهه ۾ فوٽ ڏيڍ کن ٿيندو آهي. اُن جي تيلي سنهي ٿيندي آهي. گهاٽي اُڀرڻ ڪري ان جو مٿاڇرو لسو پيو معلوم ٿيندو آهي. هوا تي جهُولڻ ڪري وڻندڙ پيو لڳندو آهي. هن جا پن سنها ۽ چوٽي وٽ تکا ٿيندا آهن. هن جي کائڻ ڪري مال ۾ کير جام ۽ گهاٽو ٿيندو آهي، جنهن ڪري مکڻ ججهو لهندو آهي، ان ڪري چوندا آهن تہ ”لنب مکڻ چنب“، يعني لنب جي کائڻ ڪري هر هڪ ڍڳيءَ مان چنبي جيترو مکڻ لهندو آهي. هنجي پاڙ زمين اندر ٿوري ٿئي ٿي. ڍڳين جي تہ خاص خوراڪ آهي، پر مينهون، گهوڙ ۽ گڏھ بہ جام کائيندا آهن. سڪڻ بعد پيلو ٿي پوندو آهي ۽ پري کان سج جي روشنائيءَ ۾ پيو چلڪندو آهي. هن جي تيلي ڏاڍيري، پر ٻَڙڪِڻي، يعني زور ڏيڻ سان ڪڙڪو ڪري ٽڪر ٿيو پوي، جنهن ڪري سڪڻ بعد مَال جي لَتاڙ ڪري ڀڄي ڀُري زمين تي سٿا ٿيو پيو هوندو آهي. هي اهڙو تہ گهاٽو اُڀرندو آهي جو سڪڻ بعد جي اتفاق سان باھ لڳي تہ پوءِ اها وڌندي ويندي ۽ ائين بعضي ڏهرن جا ڏهر ناس ٿيو وڃن. لَنب ته سڙي پر وچ ۾ بيٺل وڻ، ٻوٽا ۽ گاھ بہ ناس ٿيو وڃن. انهيءَ حالت کي ”ڏؤ“ لڳڻ چئبو آهي. هن ۾ سنهڙو ان ٿيندو آهي، جو غريب ماڻهو ڏڪار وقت کاڌي لاءِ ڪم آڻيندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف؛ رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال:2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ.