مواد ڏانھن هلو

لفظن جي سادگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لفظن جي سادگي (Simlicity in Poetry) شاعريءَ ۾ ڏکين لفظن، صفتن ۽ فارسي زده لفظن جي جاءِ تي سادا عام فهم سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ کي لفظن جي سادگي چئبو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جو مزاج ۽ لھجو سليس، سادو ۽ نرم اھي. جديد شاعر عام فھم، عام استعمال ٿيندڙ استعارا، تشبيھون ۽ محاورا ٻولي ڪم آڻين ٿا ۽ پنھنجي قومي مزاج کان پري نھ ٿا وڃن. جديد شاعر پنھنجي محبوب سان مخاطب ٿيڻ وقت پنھنجي ٻوليءَ جي عام فھم لفظن ۾ اظھار ڪن ٿا. مثال: شروعاتي غزل ۾ ايراني ۽ فارسي. ”مھ جبين“، ”مھھ لقا“ وغيره. ھاڻي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ انهن بدران عام فهم سنڌي لفظ جھڙوڪ: مٺڙا، سھڻا سائين، سائين، پيارا، سکي، سڄڻ، چنڊ جهڙا، ماکيءَ کان مٺا-جهڙا لفظ ڪم آندا وڃن ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.