لاڻا ۽ لاڻيون
ڏيک
لاڻا ۽ لاڻيون سڀني کي معلوم آهي ته لاڻا ۽ لاڻيون کاريءَ زمين جي پيدائش آهن. ٿر ۾ کاري زمين اڪثر تمام گهٽ آهي. لاڻيون ٿر واري ڀاڱي ۾ صرف ڏيپلي تعلقي ۾ آهن، جتي سنون يعني لوڻ جون ڍنڍون تمام گهڻيون آهن. جن جي آسپاس واري زمين کاري ۽ ڪلراٺي آهي. يا وري پارڪر ۾ ڪڇ جي رڻ سان لاڳيتي زمين ۾ لڀنديون آهن، جتي پڻ زمين ڪلراٺي آهي. اُٺن جي لاءِ لاڻيون عمدو کاڄ آهي، مگر جزوري جاين کان سواءِ ملڻ محال آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ ايڊيشن: 1976ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.