لاڳتن جي تفاوت وارو نظريو
لاڳتن جي تفاوتن وارو نظريو ____ Doctrine of :Cost Differences
ڪلاسيڪي ليڪن جي راءِ موجب ٻن ملڪن ۾ واپار، شين جي لاڳتن ۾ فرق هجڻ ڪري ٿئي ٿو. هئبرلر پنهنجي ڪتاب ’بين الاقوامي واپار‘ ۾ لکي ٿو ته ”انهيءَ سوال جو جواب ته ڪهڙو ملڪ ڪهڙيون شيون درآمد ڪندو، ۽ڪهڙيون شِون برآمد ڪندو، ڪلاسيڪل نظريي مطابق هيءُ آهي ته هر ڪو ملڪ اهي شيون پيدا ڪندو جن جي لاءِ هن کي هنن ڳالهين. جهڙوڪ آب و هوا، زمين جي طاقت، ان ملڪ جا ٻيا قدرتي وسيلا، سندس ماڻهن جون اندروني خصوصيتون، ۽ ان کان سواءِ سندس حقيقي موڙي جيڪا هن جي گذريل دور جو ورثغو آهي، جيئن ته جڳهون، ڪارخانا، مشينري ۽ امدنيءَ جي ذريعن وغيره ڪري خاص مناسبت هوندي، اهڙو ملڪ صرف اهڙي قسم جون شيون پيدا ڪندو، ۽ واڌو پيدائش جي بدلي ۾ ٻين ملڪن کان اُهي شيون گهرائيندو، جن جي پيدا ڪرڻ لاءِ يا ته سندس ذريعا اڻپورا هوندا، ۽ يا ته وري هو اهي شيون بلڪ پيدا ڪري نه سگهندو هوندو“. مطلب ته هرڪو ملڪ صرف اُهي شيون پيدا ڪندو جن جي پيداوار ۾ ان کي خاص مهارت حاصل هوندي. اهڙيءَ طرح پنهنجي گهرج کان وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ڪيل شيون ٻين ملڪن کي موڪليندو، ۽ اتان وري اهي شيون گهرائيندو، جن جي پيدا ڪرڻ ۾ کيس خاص مهارت حاصل ڪانه هوندي. اهڙي نموني ٻنهي وارپار ڪندڙ ڌرين کي فائدو رسندو. پرهاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻن مختلف ملڪن ۾ شين جي لاڳت ۾ فرق ڇو ٿو اچي؟ ان جو مکيه سبب صرف هي آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ پيدائش جا جزا ساڳيا نه آهن. هر هڪ ملڪ قدرتي طور پيدائش جي جدا جدا جزن سان نوازيل هوندو آهي. ڪن ملڪن ۾ زمين ۽ محنت وڌيڪ هوندي آهي، ته ڪن ۾ وري موڙي وڌيڪ هوندي اهي. ان ڪري هر هڪ ملڪ ۾ پيدائش جي جزن جي لاڳت به نسبتي طور جدا جدا ٿيندي آهي. ڪو ملڪ جنهن ۾ زمين تمام سٺي ۽ گهڻي هوندي، ظاهر آهي ته اتي زرعي پيداوار گهٽ لاڳت سان پيدا ٿي سگهندي. ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ موڙي به گهڻي هوندي، ۽ مزور به قابل هوندا، ته اتي پڪو مال تمام سستي اگهه ۾ تيار ٿي سگهندو. ان ڪري ثابت ٿيو ته شين جي لاڳت ۽ قميت جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا ٿيندي. انهن ملڪن ۾ لاڳتن جي فرق هئڻ ڪري، واپار آسانيءَ سان ٿي سگهندو. اهي فرق يا ته مطلق لاڳتن وارا هوندا، يا وري نسبتي لاڳتن وارا.[1],[2]