مواد ڏانھن هلو

لاهوتي ميلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاهوتي لفظ لاهُوت مان نڪتل آهي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حد تي هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي هزارين ياتري جبل جهاڳي ناني امان جي زيارت تي ويندا آهن. لاهوت لامکاں جو ذڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. لاهوتي ميلي (Laahooti festival) جي شروعات 2016ع کان حيدرآباد، سنڌ کان ٿي هئي. 2016ع ۾ اهو ميلو 21 ۽ 22 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو. 2017ع ۾ اهو ميلو 8 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو.[1][2] 4 مارچ 2018ع حيدرآباد ۾ ٿيو,[3] لاهوتي ميلو 2019ع سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيو[4]

موسيقار سيف سميجو جي پروگرام لاهوتي لائيو سيشنز ۽ سنڌ ٿقافت کاتي جي انتظام هيٺ ٻن ڏينهن تائين هلندڙ هي جديد ۽ قديم جي ميلاپ واري انداز جو ميلو ڪئين رنگن سان سينگهاريل هوندو آهي، جنهن ۾ راڳ رنگ، ادب، سماجي مسئلن کان وٺي تصوف جي موصوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي ۽ ويچار ونڊيا ويندا آهن. [5]

حوالا

[سنواريو]
  1. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2017/Jan/22-01-2017/Page14/P14-17.htm. 2019-11-07 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)
  2. "امريڪي قونصل جنرل حيدرآباد ۾ موسيقيءَ جي لاھوتي ميلي جو افتتاح ڪيو". امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾. 2017-02-08. 2019-11-07 تي حاصل ڪيل.
  3. "حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو لاهوتي ميلو شروع، راڳ رنگ جي محفل سان افتتاح – Daily Kalyan | روزاني ڪلياڻ" (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-11-07 تي حاصل ڪيل.
  4. Bhutto, Afia (2019-02-09). "سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن وارو "لاهوتي ميلو 2019ع" شروع،". News & Events (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-11-07 تي حاصل ڪيل.
  5. لاہوتی میلو: کیا موسیقی انتہاپسندی کا توڑ ہے؟ - Pakistan - Dawn News