لاهوتي ميلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لاهوتي لفظ لاهُوت مان نڪتل آهي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حد تي هڪ اهڙو هنڌ آهي، جتي هزارين ياتري جبل جهاڳي ناني امان جي زيارت تي ويندا آهن. لاهوت لامکاں جو ذڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. لاهوتي ميلي (Laahooti festival) جي شروعات 2016ع کان حيدرآباد، سنڌ کان ٿي هئي. 2016ع ۾ اهو ميلو 21 ۽ 22 جنوري تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو. 2017ع ۾ اهو ميلو 8 فيبروري تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو.[1][2] 4 مارچ 2018ع حيدرآباد ۾ ٿيو,[3] لاهوتي ميلو 2019ع سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيو[4]

موسيقار سيف سميجو جي پروگرام لاهوتي لائيو سيشنز ۽ سنڌ ٿقافت کاتي جي انتظام هيٺ ٻن ڏينهن تائين هلندڙ هي جديد ۽ قديم جي ميلاپ واري انداز جو ميلو ڪئين رنگن سان سينگهاريل هوندو آهي، جنهن ۾ راڳ رنگ، ادب، سماجي مسئلن کان وٺي تصوف جي موصوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي ۽ ويچار ونڊيا ويندا آهن. [5]

حوالا[سنواريو]