لارڊ ايلفنسٽن
| ماونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن ايف آر ايس اي | |
|---|---|
| بمبئي جو گورنر | |
| عهدو سنڀاليو 1 نومبر 1819 – 1 نومبر 1827 | |
| گورنر جنرل | فرسٽ مارڪئس آف هيسٽنگز فرسٽ ارل ايمھرسٽ |
| پيشرو | سر ايون نيپين |
| جانشين | سر جان مئلڪم |
| ذاتي تفصيل | |
| پيدائش | 6 آڪٽوبر 1779 ڊمبارٽن، ڊمبارٽن شائر، اسڪاٽلينڊ |
| وفات | 20 نومبر 1859 (عمر 80 سال) هوڪ وُڊ، سري (Surrey)، انگلينڊ |
| قوميت | برطانوي |
| مادر علمي | رائل هاءِ اسڪول، ايڊنبرا |
| ڪرت | رياستدان، مؤرخ |
| دستخط | |
ماونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن FRSE (6 آڪٽوبر 1779 – 20 نومبر 1859) هڪ اسڪاٽش رياستدان ۽ مؤرخ هو، جيڪو برطانوي هندستان جي حڪومت سان وابسته رهيو. هو بعد ۾ بمبئي جو گورنر (هاڻوڪو ممبئي) مقرر ٿيو، جتي کيس هندستاني آبادي لاءِ کليل ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي قيام جو ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو. هڪ قابلِ ذڪر منتظم هجڻ سان گڏ، هن هندستان ۽ افغانستان بابت ڪتاب به لکيا. سندس تصنيفون نوآبادياتي دور جي تاريخ نويسي (colonial historiography) جون اهم مثال سمجهيون وڃن ٿيون.[1]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]ماونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن 6 آڪٽوبر 1779ع تي ڊمبارٽن (Dumbarton)، ڊمبارٽن شائر(Dunbartonshire), هاڻوڪو ڊنبارٽن شائر، ۾ پيدا ٿيو.[2] هن تعليم رائل هاءِ اسڪول، ايڊنبرا مان حاصل ڪئي. هو اسڪاٽلينڊ جي اميراڻي طبقي (peerage) ۾ شامل 11هين بارون ايلفنسٽن (Baron Elphinstone) جو چوٿون پٽ هو، جڏهن ته سندس والده اينا، لارڊ رٿوين جي ڌيءَ هئي.[2]
برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سول سروس ۾ مقرر ٿيڻ بعد (جنهن جو هڪ سندس چاچو ڊائريڪٽر هو)، هو 1796ع جي شروعات ۾ ڪلڪتو (هاڻوڪو ڪولڪاتا) پهتو، جتي هن ڪيترن ماتحت عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. 1799ع ۾ هو بنارس (هاڻوڪو وارانسي) ۾ معزول نواب اَوڌ وزير علي خان جي حامين طرفان ٿيل قتلِ عام کان بچي ويو. 1801ع ۾ کيس ڊپلوميٽڪ سروس ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جتي هو پشوا حڪمران باجي راءِ ٻيون جي درٻار ۾ برطانوي ريزيڊنٽ جوشيا ويب (Josiah Webbe) جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو.
سفير
[سنواريو]پشوا جي درٻار ۾ ايلفنسٽن کي پهريون ڀيرو نمايان ٿيڻ جو موقعو مليو، جڏهن کيس سر آرٿر ويلسلي جي مرهٽن ڏانهن موڪليل سفارتي مشن سان شامل ڪيو ويو. ڳالهين ناڪام ٿيڻ بعد جنگ شروع ٿي ۽ ايلفنسٽن، سول اهلڪار هجڻ باوجود، عملي طور ويلسلي جو ايڊ-ڊي-ڪيمپ بڻجي ڪم ڪيو. اسائي جي جنگ ۽ پوري مهم دوران هن غيرمعمولي بهادري ۽ فوجي حڪمتِ عمليءَ جي ڄاڻ جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي ويلسلي کيس چيو ته هو سپاهي ٿيڻ جو اهل هو.
1804ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ بعد، ايلفنسٽن کي ناگپور ۾ برطانوي ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.[3] هن عهدې سبب کيس ڪافي فرصت ملي، جيڪا هن مطالعي ۽ پڙهائي ۾ صرف ڪئي. 1807ع ۾ هن گواليار ۾ به ٿوري عرصي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون.
1808ع ۾ کيس افغانستان جي ڪابل درٻار ڏانهن پهريون برطانوي سفير مقرر ڪيو ويو، جنهن جو مقصد افغانن سان دوستاڻو اتحاد قائم ڪرڻ هو، جيئن نيپولين جي هندستان ڏانهن امڪاني پيشقدمي روڪي سگهجي. بهرحال، اهو اتحاد ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته شاھ شجاع دراني پنهنجي ڀاءُ هٿان تخت تان لهي ويو. تنهن هوندي به، هن سفارتڪاري جو سڀ کان اهم ۽ دائمي نتيجو ايلفنسٽن جو ڪتاب Account of the Kingdom of Cabul and its Dependencies in Persia and India (1815ع) هو.
ڪلڪتو ۾ لڳ ڀڳ هڪ سال پنهنجي مشن جي رپورٽ ترتيب ڏيڻ بعد، 1811ع ۾ ايلفنسٽن کي پوني ۾ برطانوي رهاڪو مقرر ڪيو ويو. هي عهدو انتهائي ڏکيو هو، ڇاڪاڻته مرهٺ سياست پيچيده هئي ۽ خاص طور پشوا حڪومت ڪمزور هئي، جنهن جو ايلفنسٽن شروع کان ئي صحيح اندازو لڳايو. 1817ع ۾ مرهٽن برطانوي حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. خادڪي جي جنگ (جنهن کي ٽين اينگلو-مرهٽا جنگ پڻ چيو وڃي ٿو) دوران ايلفنسٽن، فوجي پسمنظر نه هئڻ باوجود، فوجي قيادت سنڀالي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پشوا جون زمينون برطانوي راڄ ۾ شامل ڪيون ويون ۽ 1818ع ۾ ايلفنسٽن کي ڊيڪن جو ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.
گورنر
[سنواريو]1819ع ۾ ايلفنسٽن کي بمبئي جو ليفٽيننٽ گورنر مقرر ڪيو ويو، جيڪو عهدو هن 1827ع تائين سنڀاليو. سندس دورِ حڪومت ۾ هندستان ۾ تعليم جي وڏي همٿ افزائي ڪئي وئي، جڏهنته برطانيا ۾ ان وقت مقامي آبادي کي تعليم ڏيڻ خلاف راءِ عام هئي. کيس هندستان ۾ رياستي تعليمي نظام جو باني سمجهيو وڃي ٿو. سندس اهم ڪاميابين مان هڪ “ايلفنسٽن ڪوڊ” هو، جيڪو فوجداري قانون جو هڪ منظم نظام هو. هن ڪيترائي اهي علائقا به واپس ڪيا، جيڪي برطانوي حڪومت ستارا جي راجا کان قبضي ۾ ورتا هئا.
ان دور ۾ هن مالابار هل تي پهريون بنگلو تعمير ڪرايو. سندس پيروي ڪندي ڪيترن معزز ماڻهن به هتي رهائش اختيار ڪئي، جنهن سبب هي علائقو جلد ئي اميرانه ۽ فيشني بڻجي ويو، ۽ اڄ تائين ائين ئي آهي.[4]. بمبئي پريزيڊنسي سان سندس وابستگي کي ايلفنسٽن ڪاليج جي قيام ۽ يورپي آبادي طرفان سندس سنگ مرمر جي مورتي نصب ڪرڻ سان يادگار بڻايو ويو. بهرحال، ايلفنسٽن روڊ ريلوي اسٽيشن (2018ع ۾ پرڀادي وي اسٽيشن نالي سان تبديل ٿيل) ۽ ايلفنسٽن سرڪل (1947ع کان پوءِ هورنيمن سرڪل)، ممبئي ۾، سندس نالي سان نه پر سندس ڀائيٽي جان، 13هون لارڊ ايلفنسٽن جي نالي سان منسوب هئا، جيڪو بعد ۾ 1850ع واري ڏهاڪي ۾ بمبئي جو گورنر پڻ ٿيو. ڪراچي جي هڪ اهم تجارتي شاهراهه اڳي ايلفنسٽن اسٽريٽ سڏبي هئي،[5] جيڪا هاڻي زيب النساءِ اسٽريٽ سڏجي ٿي. ايلفنسٽن، وڪٽوريا (آسٽريليا) جو شهر، مائونٽ اسٽورٽ، تسمانيا جو علائقو، ۽ اتي موجود ايلفنسٽن روڊ پڻ سندس نالي سان منسوب آهن.[6] لنڊن جي سينٽ پالز ڪيٿيڊرل جي زيرزمين (crypt) ۾ پڻ سندس مورتي موجود آهي.[7]
برطانيا ڏانهن واپسي
[سنواريو]1829ع ۾، لڳ ڀڳ ٻن سالن جي سفر کان پوءِ، ماونٽ اسٽيورٽ ايلفنسٽن برطانيا واپس موٽيو. واپسي کان پوءِ به هن عوامي معاملن تي اثرانداز رهڻ جاري رکيو، پر هاڻي سندس سرگرمين جو مرڪز اسڪاٽلينڊ بدران انگلينڊ هو. ان جي باوجود، 1830ع ۾ کيس رائل سوسائٽي آف ايڊنبرا جو فيلو چونڊيو ويو، جنهن لاءِ سندس سفارش سر جان روبسن ڪئي هئي.[8]. هو انهن ستن ماڻهن مان هڪ هو، جن 16 جولاءِ 1830ع تي رائل جاگرافيڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو.[9]
ايلفنسٽن ٻه ڀيرا هندستان جو گورنر جنرل ٿيڻ جي آڇ رد ڪئي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ٻه جلدن تي مشتمل ڪتاب History of India (1841ع) مڪمل ڪرڻ چاهيندو هو. هو 20 نومبر 1859ع تي هوڪ ووڊ، سرِي (انگلينڊ) ۾ وفات ڪري ويو.[10] کيس لمپس فيلڊ جي چرچ يارڊ ۾ دفن ڪيو ويو.[8] سندس ياد ۾ سينٽ پالز ڪيٿيڊرل ۾ پڻ هڪ يادگاري نشان موجود آهي.[11]. بعد ۾ جيمز سدرلينڊ ڪاٽن 1892ع ۾ ’’رولرز آف انڊيا‘‘ سلسلي هيٺ ايلفنسٽن جي سوانح حيات لکي.[12]. مورخ جيمز گرانٽ ڊف پنهنجي پٽ ايم. اي. گرانٽ ڊف جو نالو به ايلفنسٽن جي نالي تي رکيو.
ڇپيل تصنيفون
[سنواريو]- اڪائونٽ آو ڪنگڊم آو ڪابل، اينڊ اٽس ڊپينڊينسيز ان پرشيا ، تارتاري اينڊ انڊيا
An Account of the Kingdom of Cabul, and its Dependencies in Persia, Tartary, and India (1815). London: Longman, Hurst, Rees, Orme, and Brown. https://www.wdl.org/en/item/16798.
- ھسٽري آو انڊيا جلد پھريون
- The History of India (1841). I (1 ed.). London: John Murray. https://archive.org/stream/historyofindia01elph#page/n3/mode/2up.
- ھسٽري آو انڊيا ، جلد ٻيون
- The History of India (1841). II (1 ed.). London: John Murray. https://archive.org/stream/thehistoryofin02elphiala#page/n5/mode/2up.
- رائز آو برٽش پاور ان ايسٽ
- The Rise of the British Power in the East (1887). Colebrooke, Edward. ed. London: John Murray. https://books.google.com/books?id=mg4oAAAAYAAJ.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ahir, Rajiv (2018) (en ۾). A Brief History of Modern India. Spectrum Books (P) Limited. pp. 14. ISBN 978-81-7930-688-8. https://books.google.com/books?id=HBziwQEACAAJ&q=history+of+modern+india+rajiv+ahir.
- 1 2 Cotton 189217.
- ↑
Ane or mair o the precedin sentences incorporates text frae a publication nou in the public domain: Chisholm, Hugh, وڪي نويس (1911), "Elphinstone, Mountstuart", Encyclopædia Britannica 9 (11th ڇاپو), Cambridge University Press, صص: 298–299 - ↑ Nair, Manoj R. (26 July 2011), "Malabar Hill: How a jungle turned into a posh address", DNA India, DNA India, اصل کان 5 June 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 February 2019۔
- ↑ Baillie, Alexander Francis (1890) (en ۾). Kurrachee: (Karachi) Past, Present and Future. Thacker, Spink. https://books.google.com/books?id=7tIwAQAAMAAJ&q=Mountstuart+%22Elphinstone+street%22.
- ↑ "Mount Stuart Website – A collaboration of Mount Stuart Residents Inc & Mount Stuart Hall Inc"۔
- ↑ St Paul's – The New Church
- 1 2 Biographical Index of Former Fellows of the Royal Society of Edinburgh 1783–2002. The Royal Society of Edinburgh. July 2006. ISBN 0-902-198-84-X. https://www.royalsoced.org.uk/cms/files/fellows/biographical_index/fells_indexp1.pdf. Retrieved 2026-01-22.
- ↑ Markham, Sir Clements Robert (1881). The Fifty Years' Work of the Royal Geographical Society. J. Murray. p. 23.
- ↑ Cotton 1892216–217.
- ↑ Sinclair, William Macdonald (1909). Memorials of St. Paul's Cathedral. London: Chapman and Hall. pp. 462. https://archive.org/details/memorialsstpauls00sinciala/page/462/mode/2up.
- ↑ "Reviewed Work: Rulers of India. Mountstuart Elphinstone. By J. S. Cotton, M.A. (Oxford: The Clarendon Press. 1892.)". The English Historical Review 7 (28): 813. 1892. https://archive.org/details/sim_english-historical-review_1892-10_7_28/page/812.