مواد ڏانھن هلو

لاذقيه گورنريٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لاذقيه گورنريٽ

مُحافظة اللاذقية (عربي)
Lattakia Governorate
Official seal of لاذقيه گورنريٽ
مھر
شام جو نقشو جنهن ۾ لاذقيه نمايان ٿيل آهي.
جاگرافيائي بيھڪ (لطاڪيه): 35°36′N 36°00′E / 35.6°N 36°E / 35.6; 36
ملڪ شام
راجڌانيلطاڪيه شهر
مناطق (ضلعا)4
حڪومت
• گورنراحمد علي مصطفي[1]
ايراضي
• ڪل2,297 km2 (887 sq mi)
آبادي
 (2011ع)
• ڪل10,08,000
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+3 (AST)
آء ايس او 3166 ڪوڊSY-LA
ويب سائيٽlatakia.gov.sy

لاذقيه گورنريٽ (Latakia Governorate؛ عربي: مُحافظة اللاذقية)، جيڪو سرڪاري طور تي لطاڪيه گورنريٽ جي نالي سان مشهور آهي، شام جي چوڏهن گورنريٽ مان هڪ آهي. اهو اتر اولهه شام ۾ واقع آهي، جنهن جي حدون اتر ۾ ترڪي جي صوبي هتئ، اوڀر ۾ ادلب ۽ حماه گورنريٽ، ڏکڻ ۾ طرطوس گورنريٽ ۽ اولهه ۾ رومي سمنڊ سان آهن. ان جو رپورٽ ڪيل علائقو مختلف ذريعن ۾ 2,297 چورس ڪلوميٽر (887 چورس ميل) کان 2,437 چورس ڪلوميٽر (941 چورس ميل) تائين مختلف آهي. سال 2011ع جي اندازي موجب گورنريٽ جي آبادي 10,08,000 آهي.

تاريخ

[سنواريو]
لاذقيه ۾ سيپٽيميئس سيويرس جو "فتح جو محراب"، لوئيگي ميئر جي هڪ تصوير (1810ع)

گورنريٽ تاريخي طور تي علوي رياست جو حصو هيو، جيڪا سال 1920ع کان 1936ع تائين موجود هئي.[2] سال 1972ع ۾ الڳ ٿيڻ کان اڳ، طرطوس لاذقيه گورنريٽ جي حصي طور شامل هيو.

شام جي گهرو ويڙهه دوران علائقو، عام طور تي بشار الاسد جي حمايتي علائقو هجڻ ڪري، نسبتاً پرامن رهيو آهي ۽ گهڻو ڪري حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ رهيو. فري سيرين آرمي 2012ع ۾ الحفه تي حملو ڪيو ۽ سال 2014، 2015 ۽ 2016ع ۾ صوبي جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.[3] سال 2016ع ۾، اسلامڪ اسٽيٽ جبله تي بم حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي موتون ٿيون.[4][5][6]

8 مارچ 2025ع تي، برطانيه ۾ قائم تنظيم، سوهر (SOHR) رپورٽ ڪئي ته شام ​​جي سيڪيورٽي فورسز ۽ حڪومت جي حامي جنگجو اولهائين شام ۾ جهڙپن دوران 750 کان وڌيڪ علوي شهرين جو قتل عام ڪيو.[7]

جنوري 2026ع ۾، لاذقيه گورنريٽ هڪ فرمان جاري ڪيو جنهن ۾ سرڪاري شعبي جي عورتن جي ملازمن کي سرڪاري ڪم جي دوران ميڪ اپ پائڻ کان منع ڪيو ويو. جڏهن ته گورنريٽ واضح ڪيو ته ان جو مقصد "پيشه ور ڪم جي جڳهه جي ظاهر کي، سينگار جي زياده استعمال کان بچڻ سان" منظم ڪرڻ آهي. منع نه ڪرڻ آهي.[8][9]

آثار قديمه جا هنڌ

[سنواريو]
  • صلاح الدين جو قلعو: ايوبي قلعو
  • پالٽس: فونيشين شهر
  • اگاريٽ: ڪانسي دور جو ماڳ

جاگرافي

[سنواريو]

معيشت

[سنواريو]

آباديات

[سنواريو]
لاذقيه گورنريٽ جي مذهبي ترڪيب (2011ع)
علوي
 
58%
سني
 
37%
عيسائي
 
5%
شيعه
 
0.2%
اسماعيلي
 
0.2%

سال 2004ع جي شام جي مردم شماري مطابق، گورنريٽ جي آبادي 8,79,550 هئي. سال 2011ع جي گڏيل قومن جي اندازي مطابق، آبادي 10,08,000 هئي، جيتوڻيڪ جنگ جي شروعات کان وٺي اهو ممڪن طور تي تبديل ٿي چڪي آهي.[10]

سال 2021ع جي آخر ۾، لاذقيه جي آبادي 16,34,000 تائين پهچي وئي (شام جي ڪل آبادي جو 6 سيڪڙو). اڪثريت %68 علوي مسلمان آهن. ان کان پوءِ %17 سني مسلمان، %15 عيسائي، %0.2 اثناعشري شيعه ۽ %0.2 اسماعيلي مسلمان آهن.[11]

ٻوليون

[سنواريو]

صوبي جون بنيادي ٻوليون عربي، آرمينيائي ۽ ترڪي (شامي ترڪماني لهجا) آهن. عربي گورنريٽ جي سڀني ضلعي مرڪزن ۾ ڳالهائي ويندي آهي ۽ گهڻو ڪري، جيڪڏهن نه ته انهن جي آس پاس جا سڀئي شهر ۽ ڳوٺن م، اتر ليونٽين لهجي سان گڏ گهڻو ڪري استعمال ٿيندي آهي. هڪ استثنا ڪيساب، هڪ تاريخي طور تي آرمينيائي آبادي وارو شهر آهي، ۽ آس پاس جا ڳوٺ جهڙوڪ سوگپر، ايسگوران ۽ دوزاغاج،[12] جتي آرمينيائي ٻولي بنيادي ٻولي آهي ۽ ترڪمان جبل (جتي بنيادي طور تي ترڪمان ٻولي ڳالهائي ويندي آهي، پر ڪيترائي ترڪمان گهرو ويڙهه جي شروعات کان وٺي علائقي مان ڀڄي ويا آهن.[13]

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ https://sana.sy/en/presidency/2315742/
  2. ↑ Longrigg, Stephen Hemsley. "Syria and Lebanon Under French Mandate." London: Oxford University Press, 1958.
  3. ↑ "Assad's forces deploy in Latakia to repel rebel offensive". Al Arabiya. 18 May 2014 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ Leith Fadel. "Syrian Army Advances North Towards the Turkish Border in Latakia: 3 Villages Captuted". Al-Masdar News. 4 December 2015 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  5. ↑ "Foreign jihadists advertise role in Latakia fighting". The Long War Journal. 11 July 2016 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ Philip Issa (24 May 2016). "Suicide bombing killed 43 at Syrian hospital: WHO". Global News. 26 May 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. ↑ "'They left nobody': More than 1,000 people killed in some of Syria's deadliest violence". Sky News. 8 March 2025. 9 March 2025 تي حاصل ڪيل.
  8. ↑ "Lazkiye'de kadın memurlara çalışma saatlerinde makyaj yasağı getirildi". T24 (Turkish ۾). 2026-02-02 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  9. ↑ Homsi, Nada. "Syrian women criticise 'repressive' make-up ban as authorities quickly backtrack". The National (انگريزي ۾). 2026-02-02 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ Syrian Arab Republic - Governorates profile (PDF), UNOCHA, June 2014, 20 March 2020 تي حاصل ڪيل
  11. ↑ Hussain Ibrahim Qutrib (2016), "Useful Syria" and Demographic Changes in Syria (PDF), King Faisal Center for Research and Islamic Studies, 20 March 2020 تي حاصل ڪيل
  12. ↑ Mannheim, Ivan (2001). Syria and Lebanon Handbook: The Travel Guide. Footprint Travel Guides. ص. 299. ISBN 1-900949-90-3.
  13. ↑ "The regime forces the last remaining Turkmen Families to leave to Turkey". Enab Baladi. 12 September 2016 تي حاصل ڪيل.