قومپرستي ۽ سامراج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

انساني سماج جڏهن اوسر ڪري قديم راڄوڻي نظام مان غلام داري سماج ۾ قدم رکيو ته هيڻي جي ڏاڍي هٿان ڦرلٽ ٿيڻ شروع ٿي. اها ڦرلٽ پهريان ته هڪ طبقي جي ٻئي طبقي هٿان ڏاڍ جي صورت ۾ ظاهر ٿي، پر اڳتي هلي مختلف قبيلن وچ ۾ ملڪيت ۽ علائقن جي ورهاست تان هڪ ٻئي سان ڏهڪائيندڙ ويڙهون ۽ جهيڙا پڻ ٿيڻ شروع ٿيا. جڏهن غلام داري ۽ جاگيرداري دور ۾ قوميت جي اوسر ٿي ته ان سان گڏ منظم سرڪارون وجود ۾ آيون. تڏهن کان ظالم، پرمار ۽ طاقتور قومن، ڪمزور، نستن ۽ امن پسند قومن ۽ سندن ملڪن تي اقتدار جي لوڀ، مال ملڪيت جي ڦرلٽ خاطر حملا ۽ هلائون ڪيون. طاقتور رياستن، ننڍن قومن کي پنهنجي فوجي سگهه جي ذريعي، غلام ڪري ڇڏيو. وڏين ۽ طاقتور قومن جون ننڍين قومن مٿان ڪاهون، ڪڏهن مذهبي ورتائن جي صورت ۾ ته ڪڏهن کين تهذيب سيکارڻ ۽ ترقي جي راهه وٺائڻ ڪاڻ همدردي جي ورتائن جي نموني ۾ ٿيڻ لڳيون. پر انهن مڙني بهانن پويان جيڪو مقصد هيو، سو هيو ڪمزور قومن جي معاشيات، ڪلچر ۽ ٻولي وغيره تي مڪمل قبضو ڪري، ان نستي ۽ نٻل قوم کان پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو حق کسڻ. ان قوم جا معدني، زرعي ۽ ٻيا روزگار جا وسيلا پنهنجي قبضي ڪري، انهن کي پنهنجي اَثر هيٺ آڻڻ ۽ ننڍن قومن تي مختلف ڍلون، ڏنڊ ۽ ڏن مڙهي، انهن کي سکڻو ۽ پالهو ڪرڻ.

قومي مسئلي، پنهنجي پهرين صحيح صورت تڏهن ورتي، جڏهن سرمائيداري نظام پنهنجي اوائلي ارتقائي مرحلن ۾ هيو. ان دور ۾ ان مسئلي، مختلف گهڻ قومي رياستن اندر وجود ورتو. گهڻ قومي رياستن ۾ ڪا قوم ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ ترقي ڪيل ۽ فوجي لحاظ کان وڌيڪ سگهاري هئي، ان پنهنجي رياست اندر ٻين ننڍين ڇڙوڇڙ ۽ پوئتي پيل قوميتن ۽ قومن جو استحصال ۽ ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪئي. انهن مٿان پنهنجي فوجي طاقت ۽ سياسي تنظيم ذريعي غالب پوڻ شروع ڪيو. ان دور ۾ قومي مسئلي بين الاقوامي صورت اختيار نه ڪئي هئي، پر اهو مختلف گهڻ قومي رياستن اندر موجود هيو ۽ انهن جو اندروني مسئلو هو.

اهڙيءَ طرح جڏهن سرمائيداري نظام پنهنجي اوسر جي اوائلي مرحلن ۾ هيو ۽ جاگيرداري قوميتن جي جاءِ تي منظم قومون ۽ سندن قومي رياستون اڀري رهيون هيون ته رڳو گهڻ قومي ملڪن ۾ ئي قومي ظلم پنهنجي منظم شڪل اختيار ڪئي. ان ظلم ۽ جبر خلاف ننڍن قومن جي عوام، قومي تحريڪون شروع ڪيون. ننڍن ۽ غير ترقي ڪيل قومن ۾، ظالم قوم جي ظلم ۽ بالادستي خلاف نفرت ۽ تاءُ پيدا ٿيڻ لڳو. مظلوم قومن جي اندر قومي احساس ۽ قومي جذبو اسرڻ شروع ٿيو. هنن پنهنجي غلاماڻي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ پنهنجون خودمختيار قومي رياستون ٺاهڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. جنهن اڳتي هلي قومي آزادي جي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪئي. [1]

حوالا[سنواريو]