قلندري طريقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قلندري طريقو قلندر، حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضع ڪيل اصطلاح اھي. قلندر ان کي چيو ويندو اھي، جيڪو پنھنجي ارادن، خواھشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي بھ رضا الاھي رھي؛ ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري. يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجھھ جو مرڪز ۽ محور بنائڻ قلندري طريقي جي خصوصيت اھي. انھيءَ لحاظ کان قلندري طريقي جو بنياد ٻن کالھين تي اھي: زھد ۽ محبت. مطلب تھ فقط ھڪ جو ٿي رھڻ، ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ ۽ انھن سان ڪوبھ لڳ لاڳاپو نھ رکڻ. ان طريقھ ڪار جي ڪيفيت جو نالو مستي اھي، ۽ مستي ئي قلندري طريقي جي سڃاڻ اھي. قلندر دنياوي ٻنڌڻن کان آزاد هوندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.