قطعي معيار جي نسبت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قطعي معيار جي نسبت: ايسڊ ٽيسٽ ريشو، Acid Test Ratio:تڪڙي نسبت: ڪئڪ ريشو: quick ratio:

مالياتي علم ۾ قطعي معيار جي نسبت(Acid Test Ratio) کي تڪڙي نسبت (quick ratio) بہ سڏيو ويندو آهي [1] اھا نسبت دراصل مالياتي پختگي جي نسبت (liquidity ratio) جوھڪ قسم آھي.[2] قطعي معيار جي نسبت سان ڪنھن بہ ڪمپني جي تڪڙي دسترس واري رقم (near cash) يا اثاثن (quick assets) جي سگھ جي تور تڪ جو نالو آهي جن ذريعي ڪمپني پنھنجي مٿان جاري واجباتن (current liabilities) جي تڪڙي ادائگي ڪري سگھي ٿي .تڪڙن يا فوري اثاثن (Quick assets) ۾ اھڙا موجود اثاثا (current assets) شامل ھوندا آھن جيڪي تمام جلدي پنھڻجي اصل قيمت مطابق رقمن ۾ تبديل ٿي سگھندا آھن. اھڙي طرح قطعي معيار جي نسبت اصل ۾ رقمن ۾ فورن تبديل ٿيندڙ انھن موجود اثاثن (quick assets) ۽ موجود واجبات (current liabilities) جي وچ ۾ ھڪ مالياتي نسبت ( Financial ratio) جو نالو آهي. عام حالت ۾ ڪمپني جي مالياتي ادائگي جي نسب 1:1 سمجھي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ڪمپني جون رقمون ء فوري اثاثا جملي ان ڪمپني جي موجود واجبات کان گھٽ ھوندا تہ اھا ڪمپني واجبات جي فوري ادائگي ڪرڻ جي قابل نہ رھندي

زمرو:اڪائونٽنگ

حوالا[سنواريو]

  1. AccountingCoach LLC, What is the quick ratio?, accessed 2 July 2018
  2. AccountingCoach LLC, What is a liquidity ratio?, accessed 2 July 2018