قطبي آبهوا


قطبي آبهوا (Polar Climate) واري علائقن جي خصوصيت اونهاري جي گهٽتائي پر مختلف سياري سان آهي. هڪ قطبي آبهوا جي مهيني وار سراسري گرمي پد °10 سينٽي گريڊ (°50 فارنهائيٽ) کان گهٽ هوندي آهي. قطبي آبهوا وارا علائقا ڌرتيءَ جي 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ايراضيءَ تي پکڙيل آهن. انهن مان گھڻا علائقا برابري ڦاڪ کان پري ۽ قطبن جي ويجهو آهن ۽ هن صورت ۾، سياري جا ڏينهن انتهائي ننڍا ۽ اونهاري جا ڏينهن انتهائي ڊگها هوندا آهن. اها هر مند جي پوري عرصي تائين يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين رهي سگهن ٿا.
هڪ قطبي آبهوا ٿڌي اونهاري ۽ تمام ٿڌي سياري تي مشتمل هوندي آهي، يا برف سان ڍڪيل آبهوا جي صورت ۾، ڪو به حقيقي اونهارو نا هوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڻن کان خالي ٽنڊرا، گليشيئر يا برف جي مستقل يا نيم مستقل پرت پيدا ٿيندي آهي. ڪوپن موسمياتي درجه بندي ۾ ان جي سڃاڻپ اکر E سان ڪئي وئي آهي.