قادر بخش "بشير"
قادر بخش "بشير"(انگريزي: Qader Bux Bashir)مرحوم ماستر قادر بخش”بشير“ سنڌ جو ھڪ سادھ دل، خاموش طبع شاعر ۽ اديب ھو، ۽ 14 مارچ 1954ع تي 58 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.مولانا گرامي لکي ٿو تہ قادر بخش مرحوم، سنڌي ماستر جي حيثيت سان زندگي شروع ڪئي، ۽ ھڪ مقبول عام اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام سليس، دلڪش ۽ اصلاحي آھي. شاعريءَ جي مختلف انواع ۽ اصناف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌ جي سڀني روزانہ اخبارن، ھفتيوار پرچن، ماھوار رسالن ۾ سندس ڪلام ڇپبو آيو آھي، ۽ تحسين حاصل ڪري چڪو آھي. سندس ڪلام جو ڪو مجموعو اڃا شايع نہ ٿيو آھي. اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪافي مواد منتشر صورت ۾ موجود آھي. ھڪ المناڪ حادثي کان متاثر ٿي، فن شاعريءَ ڏانھن رجوع ڪيائين، ۽ پنھنجي حسرتن ۽ پريشانين ۽ نااميدين کي شاعريءَ جي رنگين دنيا ۾ وندرائيندو رھيو. عشقيہ غزل بہ چيائين، تہ مذاقيہ ڪلام بہ چيائين، وطني حب جا ترانا بہ ڳايائين تہ بيوفا دنيا لاءِ مرثيا بہ پڙھيائين. ھاري ۽ مزدور، ماستر ۽ زميندار متعلق بہ لکيو اٿس. رسالن ۽ اخبارن جي جمع ڪرڻ جو کيس تمام گھڻو شوق ھوندو ھو. ھڪ دفعي ذڪر ڪيو تہ: ”الوحيد جا شروع ٿيڻ کان اڄ تائين مڪمل فائيل مون وٽ موجود آھن.“ ان مان پتو پوي ٿو تہ سنڌ جو علمي سرمايو وٽس ڪافي موجود رھندو پئي آيو..[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }