مواد ڏانھن هلو

فيض محمد فيض حيدري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ.محمد اڪرم پنھنور – فيض حيدري سنڌي ادب جو هڪ اهم افسانا نويس لاجواب ڪھاڻيڪار آهي، ڪتاب فرياد عورت ۽ اوڇنگارون فيض محمد فيض حيدري جي تخليقي صلاحيتن جا اعليٰ مثال آهي. هي ڪتاب سماجي ناانصافين، انساني احساسن، ۽ سنڌي ثقافت جي رنگن کي پيش ڪن ٿا-- فيض حيدري: هڪ مختصر تعارف فيض محمد فيض حيدري ولدامام بخش ڪيريو ڳوٺ.ٽنڊوحيدر

پيدائش 2اپريل 1922 وفات 31 مارچ 1968

پيشو.پرائمري استاد ادبي پورهيو.اوڇنگارون ڪھاڻيون 1953فرياد عورت ڪھاڻيون غزل مولود مداحون مرحوم نبي بخش بلوچ ڪتاب مولود، مناقبا ۽ قافيون ٽيون حصو ۾سندن ذڪر ڪيو آھي ان کان علاوہ نئين زندگي رسالو 1950,51 سالن واري پرچن ۾ فيض حيدري مضمون شايع ڪيا ھئا .ڪيترن سنڌي ادب جي تاريخ ڪتابن ۾ اديبن سندن ذڪر ڪيو آھي جن ۾ عبدالمجيد سنڌيءَ ،عبدالجبارعابد ،مختيار احمد ملاح پنھنجن سنڌي ادب جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ مختيار احمد ملاح سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ ۽ ڊاڪٽربشيراحمدشاد پنھنجي مقالي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ فيض حيدري جو ذڪر ڪيو آهي پاڻ هڪ اهم نثر نويس هو، جنهن ڪهاڻين، شاعري، ۽ مضمونن ذريعي سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس افسانن ۾ سماجي مسئلن، انساني نفسيات، ۽ قومي شعور کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي. فيض حيدري پنهنجي افسانن ۾ سنڌ جي روايتن، ماڻهن جي زندگين، ۽ سندن خوابن کي پيش ڪيو آهي. سندس افسانا هارين، مزدورن، عورتن، ۽ عام ماڻهن جي جدوجهد کي بيان ڪن ٿا. 3. ناانصافي خلاف آواز سندس ڪهاڻين ۾ غربت، طبقاتي فرق، عورتن تي ظلم، ۽ انساني برابري جهڙن موضوعن تي گهڻي بحث ڪئي وئي آهي. فيض حيدري جا ڪيترائي افسانا سماج جي ناانصافين تي زوردار تنقيد ڪن ٿا۔جیئن ته پاڻ آچر 31 مارچ 1968 تي وفات ڪيائون ڏينھن ۽ سال جي يادگار طور فارسي قطعو لکيو آھي فيض حيدري يکشنبہ رفت۔