فيس بڪ سفارتڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فيس بڪ سفارتڪاري يا فيس بوڪ ڊپلوميسي (Facebook Diplomacy) هڪ نئون سفارتي اصطلاح آهي. 2008ع ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جهڙن رابطائي سرشتن جي ايجاد ٿيڻ سان عالمي سطح تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي وچ ۾ واسطيداريون تمام گهڻيون وڌي ويون، ان کان سواءِ عوامي دلچسپيءَ ۽ ونڊ ويچار سبب عالمي شخصيتن جا رايا عالمي عوامي راءِ تي پڻ اثرانداز ٿيڻ لڳا. آمريڪي صدر براڪ اوباما ان سهولت جو استعمال پنهنجي صدارتي چونڊن واري مهم دوران زبردست طريقي سان ڪيو . ان مثال کي دنيا جي ٻين سفارتڪارن به اختيار ڪيو ۽ عالمي سطح تي پنهنجا موقف بيان ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيون به تمام گهڻيون ويب سائيٽون آهن، پر پنهنجي وسيع ڳنڍيل سرشتي جي ڪري فيس بڪ سڀني کان اڳڀرو آهي. هن اصطلاح جو اصل مقصد سماجي رابطن جي هن نرم سگهه (Soft Power) ذريعي غير جمهوري حڪومتن ۽ دهشتگرد ٽولن خلاف عالمي عوامي راءِ کي سگهارو ڪرڻ ۽ ڀائيچارو وڌائڻ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد